مهانگائي جو طوفان ۽ پريشان غريب عوام

مهانگائي جو طوفان ۽ پريشان غريب عوام

وفا ولي محمد ڦل
ملڪ اندر مهانگائي جو جيڪو طوفان گذريل ڪجهه سالن کان لڳاتار پنهنجي تباهيءَ جا نشان ڇڏيندو اچي رهيو آهي، اهو غريب طبقي لاءِ هاڻي صرف گهرو مسئلو ناهي رهيو پر انساني عزت ۽ احترام تي سڌو حملو بڻجي ويو آهي. روزانو انهن شين جا اگهه وڌن ٿا جيڪي هر گهر جي بنيادي ضرورت آهن، ۽ جڏهن عوام صبح جو بازارن ڏانهن رُخ ڪري ٿو ته اگهن جي وحشت سندس اکيون خيرن ۾ وجهي ڇڏيندي آهي. کنڊ جنهن کي اسان جي سماج ۾ هر گهر جي ضرورت سمجهيو ويندو آهي، اهو هاڻي غريب لاءِ عيش بڻجي چڪو آهي. چانهه جيڪا هر غريب ۽ امير ٻئي استعمال ڪندا آهن، ان جا اگهه به آسمان سان ڳالهائي رهيا آهن، ۽ کاڌي جو تيل جنهن بنا ڪو به گهر هلڻ لائق ناهي، اهو اڳي کان ڏاڍو وڌيڪ مهانگو ٿي چڪو آهي. ان کان به وڌيڪ تڪليف ڏيندڙ ڳالهه اها آهي ته روزمره استعمال ٿيندڙ سڀ کان عام شيون جهڙوڪ بصر ، ٽماٽا، مرچ، آلو، داليون، گيهه، ، بند ڪيون يا آزاد شيون، سڀئي غريبن جي هٿ کان مسلسل پري ٿينديون پيون وڃن، ۽ حڪومتن جون دعوائون صرف بيانن ۾ رهن ٿيون.اڄ جڏهن مزدور ماڻهو صبح جلد ئي محنت مشقت لاءِ گهر کان ٻاهر نڪري ٿو، تڏهن سندس ذهن ۾ هڪ ئي ڳڻتي هوندي آهي ته شام جو ٻارن لاءِ ڇا کڻي ويندس؟ اجرت ساڳي، ڪم ساڳيو، ڏينهن ساڳيا، پر اگهن جي وڌڻ جو ڪو روڪ ناهي. اهو درد ڪنهن امير کي ڪڏهن به محسوس نه ٿيندو جنهن وٽ سرڪاري سهولتون، وڏيون آمدنيون ۽ وڏا وسيلا هجن، پر هڪ غريب مزدور پنهنجي کاڌي جي ٿيلهي ۾ رڳو هوا کڻي وڃي ٿو. دڪاندار جڏهن اگهه ٻڌائي ٿو ته ماڻهوءَ جي اکين ۾ خفگي ۽ حسرت جو دَرس نمايان نظر اچي ٿو. مانيءَ جو هڪ لڱ جيڪو هر روز جي ضرورت آهي، اهو اڄ هڪ وڏو امتحان بڻجي چڪو آهي. ٻارن جي کاڌ خوراڪ تي گهر وارا پهرين جهڙو ڌيان نه ڏئي سگهن ٿا، ڇو ته مارڪيٽن ۾ دالون، ميوا، سبزيون سڀ مهانگيون آهن. غريب خاندان پنهنجيون ضرورتون وڌندي ڏسي پاڻ کي مجبور ڪري ڇڏي ٿو ته ڪجهه شيون گهٽائي ڇڏجن. مهانگائي جو هي سلسلو ڪنهن هڪ سبب جي ڪري نه آهي، پر ڪيترن ئي حوالن ۾ انتظامي ڪمزوري، نااهلي، ناانصافي، ڪرپشن ۽ ناجائز منافع خورن جي سازشن سبب عوام جي زندگيءَ ۾ جهڪاءُ پيدا ٿيو آهي. بازارن ۾ مصنوعي کوٽ پيدا ڪئي وڃي ٿي، ڪٿي اسٽاڪ هولڊنگ ڪئي وڃي ٿي، ڪٿي انڌيري ۾ اگهه وڌائي ڇڏيا وڃن ٿا، ۽ ڪٿي حڪومت جي چونڊيل نمائندن يا حڪومتي مشينري جي لاپرواهي عوام کي وڌيڪ پريشانيءَ ۾ وجهي ٿي. غريب ماڻهوءَ لاءِ اهڙي صورتحال ۾ ڪا به آساني نه بچي آهي، ڇو ته آمدني ساڳي، پر گھر جو خرچ ٻه کان ٽي ڀيرا وڌي چڪو آهي. ملڪ اندر روزگار جا موقعا گهٽ، روزاني اجرتون گهٽ، پر مهانگائي وڌ کان وڌ وڌي رهي آهي.ڪالهه تائين جنهن شخص جي گهر ۾ ٻن وقتن جي ماني آرام سان پچندي هئي، اڄ اهو شخص سوچي ٿو ته شام جو ڇا پچائجي؟ بصر آلو بيهه گوبي پيز  ايترو مهانگو ڇو آهي؟ ڪڏهن ٽماٽن جا اگهه ماڻهوءَ جي مُنهن مان ساهه ڪڍي وٺن ٿا. هڪ عورت جيڪا روز صبح جو بازار وڃي ٿي، اها واپسي تي ڪهڙو احساس کڻي اچي ٿي ته اڄ به سندس ساڳي رقم ۾ ٻيون شيون گهٽ وٺڻيون پيون. ملڪ ۾ وڏيون پاليسيون، وڏي اٿل پٿل، وڏيون رونقون، وڏا اعلان، پر ريڙهيون لڳائيندڙ، ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻي ۽ نوابشاهه جي  ڳوٺاڻي علائقن جا غريب ماڻهو پنهنجي اولاد لاءِ کائڻ جون شيون وٺڻ کان محروم ٿي رهيا آهن. حڪومتي بيان هميشه هڪ ئي آواز  ڏين ٿا ته جلد حالتون بهتر ٿينديون، پر عوام جي حالتن ۾ ڪو به سڌارو نظر نٿو اچي.غريب طبقي جي جيڪي اميدون هونديون هيون ته شايد حڪومت اگهه تي ڪنٽرول ڪندو، رليف ڏيندو، هر ڀيري انهن اميدن کي ڀُس بڻايو ويو آهي. جيڪڏهن ڪنهن کي لڳندو آهي ته ڪو به ذميوار نه آهي ته اهو وڏو غلط خيال آهي، ڇو ته ذميواري رياست تي، ادارن تي، حڪمرانن تي، ۽ انهن سڀني تي آهي جيڪي عوام جي ڪلهن تي مهانگائيءَ جو ڳرو بار وڌائين ٿا. عدالتن کان وٺي انتظاميه تائين سڀني کي هن صورتحال ۾ پنهنجو ڪردار فعال ڪرڻو آهي. جيڪڏهن ڪنهن دور ۾ رياست عوام لاءِ هوندي هئي ته اڄ عوام رياست لاءِ صرف ٽيڪس ڏيندڙ بڻجي ويو آهي.اڄ غريب جو آواز هي آهي ته اسان کي فقط زندهه رهڻ ڏيو. اسان کان عياشي نه پڇو، مهانگا ڪپڙا نه پڇو، وڏيون گاڏيون نه پڇو، اسان کي فقط ٻن وقتن جي مانيءَ جي رسد ڏيو، ٻارن جا پيٽ نه سڄڻ ڏيو، دوائن کان محروم نه ڪريو، پنهنجي معاشي پاليسين ۾ غريبن کي مرڪز بڻايو. جيڪڏهن حڪومت صرف هڪ مهينو مارڪيٽ تي چڱو ڪنٽرول ڪري، ناجائز منافع خورن خلاف سخت ڪارروائي ڪري، ذخيرة اندوزن خلاف آپريشن ڪري، ته عوام جو وڏو حصو ساهه کڻي سگهي ٿو، پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته اهڙا قدم گهڻو ڪري فقط ڳالهين تائين محدود رهن ٿا. ملڪ اندر هاڻي اهو وقت اچي ويو آهي ته هر سطح تي، ضلعي انتظاميه کان وٺي مرڪزي حڪومت تائين، سڀني کي گڏجي قيمتن تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ مضبوط حڪمت عملي ٺاهڻي پوندي. ڇو ته مهانگائي فقط غريب جو مسئلو نه رهيو آهي، پر هاڻي هيءَ هڪ سماجي بحران بڻجي چڪي آهي. هڪ خاندان جي پريشاني صرف هنن تائين محدود ناهي رهندي، پر ان جا اثر نسلن تائين پهچندا، جنهن جو سڀ کان وڏو نقصان ملڪ کي ٿيندو.  انڪري غريب جي گذران سميت سڀني تي رحم ڪري اگهن تي ڪنٽرول ڪيو وڃي !!!!!!!

پهنجو تبصرو موڪليو