واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چوي ٿو ته اڄ صبح، منهنجي حڪم تي آمريڪي فوجن وينزويلا ۾ ٻيو هوائي حملو ڪيو.وائيٽ هائوس ۾ ڳالهائيندي، ٽرمپ چيو ته وينزويلا ۾ آپريشن دوران 3 دهشتگرد مارجي ويا.آمريڪي صدر چيو ته آپريشن ان وقت ڪيو ويو جڏهن دهشتگرد بين الاقوامي پاڻين ۾ منشيات منتقل ڪري رهيا هئا.صدر ٽرمپ چيو ته حملي ۾ ڪنهن به آمريڪي فوج کي نقصان نه پهتو.هن چيو ته نيشنل گارڊ کي عدم تحفظ جو شڪار شهرن ۾ مرحلن وار طور تي مقرر ڪيو ويندو.










