اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان (اي سي پي) پابندي مڙهيل فنڊنگ ڪيس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف کي جواب داخل ڪرڻ لاءِ وڌيڪ ٻن هفتن جي مهلت ڏئي ڇڏي آهي. چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي سربراهيءَ ۾ 4 رڪني بئنچ اڄ اليڪشن ڪميشن ۾ پي ٽي آءِ منع ٿيل فنڊنگ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ان موقعي تي پي ٽي آءِ جو وڪيل شاهه خاور ڪميشن ۾ پيش ٿيو، ٻڌڻي دوران هن چيو ته گذريل ٻڌڻي دوران سپريم ڪورٽ ۾ مصروف هو، پي ٽي آءِ جي پرڏيهي چيپٽر کان ڪجهه معلومات وٺڻي آهي. چيف اليڪشن ڪمشنر پڇاڻو ڪيو ته اوهان جو رڪارڊ ڪيتري حد تائين پهتو آهي؟ شاهه خاور جواب ڏنو ته بهتر ٿيندو ته اسان کي 2 هفتا ملن.










