عدالت منظور وساڻ جي عبوري ضمانت ۾ واڌ ڪري ڇڏي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پي پي اڳواڻ منظور وسان خلاف نيب جي ڪاروائي ۾ دير سبب سنڌ هاءِ ڪورٽ سندس عبوري ضمانت ۾ واڌ ڪري ڇڏي. ٻڌڻي دوران نيب جي وڪيل ٻڌايو ته اڳوڻي صوبائي وزير منظور وساڻ خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري معاملي جي جاچ مڪمل ڪري ورتي، رپورٽ نيب هيڊڪوراٽر ڏانهن اُماڻي وئي، عدالت ۾ ٻڌڻي دوران نيب پراسيڪيوٽر آگاهي ڏيندي چيو ته منظور وساڻ خلاف انڪوائري کي انويسٽيگيشن ۾ تبديل ڪرڻو آهي يا نه، اُن جو فيصلو نيب چيئرمين ئي ڪندو، منظور وساڻ جي بئنڪ اڪائونٽس، متحرڪ ۽ غير متحرڪ ملڪيتن جا تفصيل حاصل ڪيا ويا آهن، عدالت نيب چيئرمين کان وضاحت طلب ڪندي چيو آهي ته اهڙي قسم جي معاملن کي جلد اُڪلائڻ گهرجي، اهم ڪيسز کي التوا ۾ رکي نيب ڇا حاصل ڪرڻ گهري ٿو؟ سنڌ هاءِ ڪورٽ منظور وساڻ جي عبوري ضمانت ۾ 16 آڪٽوبر تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو