ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته منشيات ھن وقت اسان جي معاشري جو اھم ۽ تمام وڏو چيلنج آھي، بدقسمتي سان سڄي ملڪ ۾ منشيات جي ترسيل ۽ واھپو وڌي رھيو آھي، منشيات جو واھپو ھاڻي فيشن بڻجندو پيو وڃي، ايليٽ سوسائٽي ۾ ڪوڪين جي نشي کي اھم سمجھيو ويندو آھي، ڪوڪين، چرس، ھيروئن سان گڏ ھن وقت سڀني کان وڏو چيلنج آئس ۽ ڪرسٽل آھن. سنڌ اسيمبلي ۾ ڌيان ڇڪايو نوٽس تي گفتگو ڪندي سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ، ايڪسائز، ٽيڪسيشن ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته منشيات خلاف ايڪشن ھلي رھيا آھن، آگاھي جو ڪم بھ جاري آھي، سنڌ اسيمبلي منشيات جي خلاف اتفاق راءِ سان بل منظور ڪيو آھي، جيڪا سُٺي ڳالھ آھي، جڏھن به منشيات خلاف ڳالھ ٿي آھي، تڏھن حڪومتي توري اپوزيشن جي بينچز سنجيدگي جو مظاھرو ڪيو، اسان سڀني کي گڏجي منشيات جي لعنت جو مقابلو ڪرڻو آھي. ھن چيو ته ٽي وي چينلز جا ڪرائيم رپورٽرز ۽ بيٽ رپورٽرز به منشيات جي نشاندھي ڪن، ڪارروائي اسان ڪنداسين، ايم پي ايز به منشيات جي نشاندھي ڪن، اسان پاڻ گڏ وڃي ڪارروائي ڪنداسين، اسان ھڪڙو رويو اختيار ڪري ورتو آھي ته جيڪا شئي ھلي ٿي اُن کي ايئن ئي ھلڻ ڏيون، اسان کي پنھنجو رويو تبديل ڪرڻو پوندو، جتي برائي ھُجي اُتي ڄمي بيھڻ گھرجي. ھن چيو ته ٻارن ۾منشيات جي استعمال جي حوالي سان سڀني کان اھم ڪردار والدين جو آھي، والدين کي اکيون ٻوٽي نه ويھڻ گھرجي، والدين جي ذميواري سڀني کان وڏي آھي ۽ اُن کانپوءِ اسڪول ۽ ڪاليجز جي ذميواري آھي ته جيڪڏھن ٻار جي رويي ۾ تبديلي ڏسن ته فوري طور معلوم ڪن ته ائين ڇو آھي؟ سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اسان سڀني کي گڏجي منشيات خلاف ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، فورسز، ميڊيا، ايوان ۾ ويٺل سمورا ميمبر گڏجي ان ڳالهه کي پڪو ۽ يقيني بڻائين ته پوءِ اسان ھڪ مھيني اندر منشيات جو خاتمو آڻي سگھون ٿا.










