منشيات فروشن ۾ جهيڙو، فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو

منشيات فروشن ۾ جهيڙو، فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪالاڪوٽ غريب شاهه مزار ڀرسان فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو ۽ 2 زخمي ٿي پيا.پوليس موجب زخمين پنهنجي بيان ۾ چيو ته کين نامعلوم ماڻهن جي فائرنگ ڪري زخمي ڪيو ويو آهي.پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل شخص جي سڃاڻپ مسلم بلوچ جي نالي سان ٿي آهي، مارجي ويل ۽ زخمي ٿيل ماڻهون منشيات جا عادی هئا، جيڪي هڪٻئي سان وڙهندا هئا ۽ هڪ وٽ پستول هو جنهن فائرنگ ڪئي.پوليس موجب فائرنگ ۾ زخمي ٿيلن ۾ ثاقب ۽ طفيل شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو