ٽنڊو محمد خان ( ن سنڌيار)شيخ ڀرڪيو ۾ منشيات جي وڌندڙ آزار خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ڪارڪنن جو ريلي ڪڍي ٿاڻي اڳيان احتجاجي مظاهرو نعريبازي خبر موجب شيخ ڀرڪيو ۽ ڀرپاسي ۾ منشيات جي آزار خلاف ايس ٽي پي جي ڪارڪنن بابواورنگزيب شيخ محمد علي شيخ رضوان شيخ حاڪم خاصخيلي هاشم قمبراڻي ۽ ٻين احتجاج ڪندي دانهيو ته شيخ ڀرڪيو ۽ ڀرپاسي ۾ منشيات سرعام وڪرو ٿي رهي آهي پر حد جي پوليس منشيات فروشن جي ساٿاري بڻيل آهي جنهنڪري نوجوان توڙي ننڍا ٻار منشيات جا عادي بڻجي ويا آهن هنن چيو ته پوليس منشيات ڊيلرن کي بچائڻ لاء پورهيتن کي گرفتار ڪري خانه پوري ڪرڻ ۾ پوري آهي مظاهرين ايس ايس پي ٽنڊو محمد خان ڊي آء جي حيدرآباد ۽ ٻين کان مطالبو ڪيو ته منشيات جو آزار ختم ڪري منشيات ڊيلرن کي گرفتار ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو










