ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تھ منشيات نھ رڳو ھڪ لعنت آھي پر ھي ڪنھن بھ وقت ڪنھن جو دروازو کڙڪائي سگھي ٿي ۽ ٿي سگھي ٿو تھ منشيات جي لعنت اسان جي چونڊيل نمائندن جي دروازن تي بھ دستڪ ڏئي چُڪي ھُجي، ھن جي خاتمي لاءِ اسان سڀني کي گڏيل ڪوششون وٺڻيون پونديون ۽ ھڪٻئي سان سھڪار ڪرڻو پوندو. سنڌ اسيمبلي ۾ سوالن جوابن جي وقفي دوران ڳالھائيندي سنڌجي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ، ايڪسائز، ٽيڪسيشن ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ ايڪسائز نارڪوٽڪس ڪنٽرول منشيات جي خلاف ڏينھن رات سرگرم آھي، ھن ايوان جا ميمبر خوش نصيب آھن جو اُنھن منشيات جي خلاف بل پاس ڪيو. ھن چيو تھ منشيات فروش ڪيترا بھ طاقتور ڇونھ ھُجن کين قانون جي ڪٽھڙي ۾ آندو ويندو، ھن وقت سنڌ سرڪار وٽ 400 منشيات جي عادي ماڻھن جي علاج جي گنجائش آھي، منشيات کان بحالي جا خانگي مرڪز بھ ڪم ڪري رھيا آھن، منشيات جي لعنت نھ رڳو سنڌ پر پنجاب، خيبرپختوخواھھ ۽ بلوچستان ۾ بھ آھي، سڄو ملڪ منشيات جي زد ۾ آھي. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ جڏھن آئون ايڪسائز جو وزير نھ ھوس تڏھن بھ آئون منشيات جي خلاف ڪم ڪندو ھوس، ايوان جا چونڊيل نمائندا حڪومت جو ساٿ ڏين، منشيات جي ڪُڍي ڪاروبار ۾ ملوث ماڻھن جون لسٽون ڏين، اسان اُنھن خلاف ڪارروائي ڪنداسين، پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، صدر آصف علي زرداري خاص طور تي ھدايتون ڏنيون آھن تھ منشيات خلاف ھر حد تائين وڃي ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ منشيات جو خاتمو يقيني بڻايو وڃي. ھن چيو تھ منشيات جي معاملي تي پوري اسيمبلي جو سھڪار حاصل آھي، تعليمي ادارن ۾ منشيات خلاف ڪارروايون شروع ڪيون ويون آھن، آئون حڪومت جي طرفان خاطري ڪرائيندس تھ منشيات جو خاتمو آندو ويندو ۽ سڀني کي گذارش ڪندس تھ اُھي منشيات جي خاتمي لاءِ اسان سان سھڪار ڪن، اسان سڀني کي گڏجي پنھنجو ايندڙ نسل بچائڻو آھي، خدا نھ ڪري ايئن نھ ٿئي جو اسان جو ايندڙ نسل منشيات جي ڪري تباھھ ۽ برباد ٿي وڃي. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ڪشميرين جي حق ۾ قرارداد بھ سنڌ اسيمبلي ۾ پيش ڪئي، جيڪا اتفاق راءِ سان منظور ڪئي وئي. قرارداد تي ڳالھائيندي سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ ڀارت پاران ڏھاڪن کان ڪشميرين تي ظلم جا پھاڙ ڪيرايا پيا وڃن، ڪشميرين جي حق خوداراديت تي ڌاڙو ھنيو ويو آھي، جڏھن کان مودي وزير اعظم بڻيو آھي تڏھن کان والاريل ڪشمير ۾ قانون ۽ انساني حقن جي بدترين لتاڙ ڪئي پئي وڃي، ڪشميرين کي بنيادن حقن کان بھ محروم رکيو ويو آھي، پاڪستان جي ھر حڪومت ۽ ھر وزير اعظم ڪشمير جي حق ۾ گڏيل قومن ۾ آواز اُٿاريو آھي. ھن چيو تھ ڀارتي حڪومت ڪشميرين جي بنيادن حقن جي لتاڙ ڪندي آئي آھي، ڪشمير ۾ اڄڪلھھ جنھن ريت نوجوانن جو قتل عام ڪيو پيو وڃي، اُن جو تاريخ ۾ مثال ئي نھ ٿو ملي. اسين دُنيا کي ٻڌائڻ چاھيون ٿا تھ ڪشميرين جي بنيادي حقن جي لتاڙ ڪنھن بھ صورت ۾ قبولڻ جوڳي ناھي، ڪشمير ۾ ڀارتي بربريت ۽ جارحيت جي خاتمي لاءِ علامي برادري ڪردار ادا ڪري، اسان سڀني کي گھرجي تھ ڪشميرين سان يڪجھتي جو اظھار ڪريون ۽ پوري دُنيا کي اھو پيغام ڏيون تھ مظلوم ڪشميري اڪيلا ناھن.










