ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪاره منال خان جي ان جي مڱيندي احسن محسن اڪرام سان گڏ سوئمنگ ڪندي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي جنهن سبب هڪ دفعو ٻيهر کيس سوشل ميڊيا صارفين طرفان تنقيد جو نشانو بنايو پيو وڃي.اداڪاره منال خان پاڪستان جي ٻئي ميرا بڻجندي پئي وڃي ڇو ته هاڻ منال خال به هر ايندڙ ڏينهن سان ڪنهن نه ڪنهن تڪرار جو شڪار ٿي ويندي آهي جنهن سبب کيس سوشل ميڊيا تي سخت تنقيد جو نشانو بنايو ويندو آهي.شادي کان اڳ ئي منال خان ۽ احسن محسن اڪرام جي وچ ۾ ايتري ويجهڙائي تي ماڻهن طرفان اعتراض ڪندي ٻنهي ڀيڻن ايمن ۽ منال جي ڀيٽ ڪري رهيا آهن ۽ ماڻهن جو چوڻ آهي ته منال خان ڇڙواڳ ٿيندي پئي وڃي جڏهن ته ايمن پنهنجي ڀيڻ کان ڪافي مختلف آهي.ڪيترن ئي ماڻهن هن وڊيو تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته هاڻ رهجي ڇا ويو آهي ڏسڻ لاءِ جڏهن ته ڪجهه ماڻهن تنقيد ڪندي هنن کي چيو آهي ته هي اسلامي جمهوريه پاڪستان آهي.










