ملڪ ۾ ڪورونا ڪيسن جي شرح 4 سيڪڙو جي ويجهو، 9 ڄڻا فوت

ملڪ ۾ ڪورونا ڪيسن جي شرح 4 سيڪڙو جي ويجهو، 9 ڄڻا فوت

اسلام آباد(بيورو)پاڪستان ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح ۾ اضافو ٿيو آهي جڏهن ته هڪ ئي ڏينهن ۾ 9 مريض فوت ٿي ويا آهن.نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ (NIH) جي رپورٽ موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي شرح 3.85 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي.اين آءِ ايڇ موجب 24 ڪلاڪن اندر 20 هزار 949 ڪووڊ ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 806 ماڻهن ۾ وائرس جي سڃاڻپ ٿي.ان کان علاوه وائرس ۾ مبتلا 160 مريضن جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو