اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) ملڪ ۾ ڪورونا جا وار جاري گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 108 مريض حياتي وڃائي ويٺاآهن پنجاب سرڪار طرفان صوبي ۾ اڄ کان 16 مئي تائين مڪمل لاڪ ڊائون جو اعلان ڪيو ويو آهي ۽ خيبرپختونخوا ۾ ڪورونا ڪيسز وڌڻ تي پنجاب جهڙيون پابنديون لاڳو ڪيون ويون آهن هر قسم جي ٽرانسپورٽ تي پابندي هوندي، سياحتي ماڳ ۽ ڪاروباري مرڪز بند رکڻ جو حڪم، سنڌ ۾ بين الضلعي ٽرانسپورٽ تي پابندي جي ڀڃڪڙي خلاف ڪارروائيون، ڪراچي، سکر، لاڙڪاڻو، بدين، شڪارپور، نواب شاه ۽ خيرپور ۾ ايس او پيز جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ٽرانسپورٽ مٿان ڏنڊ، صوبائي وزير اويس قادر شاهه چيو آهي ته ايس او پيز جي ڀڃڪڙي تي 15 مسافر گاڏيون تحويل ۾ ورتيون ويون، مجموعي طور 50 هزار ڏنڊ به لڳايو ويو آهي.










