ملڪ ۾ ڪورونا جا وار جاري وڌيڪ 60 ڪورونا  مريض فوت

ملڪ ۾ ڪورونا جا وار جاري وڌيڪ 60 ڪورونا مريض فوت

اسلام آباد ( رپورٽ الله وسا يو گهوٽو )ڪورونا وائرس جا  ملڪ  ۾ وار جاري هڪ ڏينهن ۾ 60 وڌيڪ ڪورونا جا مريص فوت ٿي ويا  ۽ 2هزار963  نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.ڪورونا شماريات جي ويب سائيٽ مطابق گذريل 24 ڪلاڪن ۾ سڄي ملڪ ۾ 33هزار610 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 2هزار963 ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي آهي ۽ 60  ڪورونا جا مريض فوت ٿي ويا آهن.سرڪاري پورٽ موجب ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوتين جو تعداد 8هزار547 تي پهچي چڪو آهي ۽ ڪيسن جو ڪل تعداد 4لک26هزار142 تائين پهچي ويو آهي جڏهن ته فعال ڪيسن جو تعداد 45هزار324 آهي.ان کان علاوه سڄي ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن ۾ 1هزار797 مريض ڪورونا کان صحتياب ٿي چڪا آهن.صحتياب ٿيندڙن جو ڪل تعداد 3لک72هزار 271 آهي .سنڌ ۾ ڪورونا جي مريضن جو ڪل تعداد 1لک87هزار684 تائين پهچي ويو آهي جڏهن ته 3هزار081 ماڻهو هن وقت تائين فوت ٿي چڪا آهن.پنجاب ۾ ڪورونا جي مريضن جو ڪل تعداد 1لک24هزار804 آهي ۽ وائرس سبب 3هزار242 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن. جڏهن ته بلوچستان ۾  ڪورونا مريضن جو ڪل تعداد 17هزار540  آهي ۽ فوتين  جو تعداد 170 آهي.خيبرپختونخواهه ۾ ڪورونا جي مريضن جو تعداد 50هزار506  آهي ۽ 1هزار429  ڪرونا مريض فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 7هزار،427 ماڻهو وائرس کان متاثر ٿيا آهن ۽ 182 مريض ڪورونا سبب  فوت ٿي چڪا آهن. گلگت بلتستان ۾ هن وقت تائين ڪورونا مريضن جوڪل  تعداد 4 هزار761 آهي  ۽ 98 مريض ڪورونا سبب فوت ٿي  چڪا آهن.اسلام آباد ۾ ڪورونا مريضن جو ڪل تعداد 33هزرا،420 آهي ۽ هن وقت تائين 345 مريض فوت ٿي چڪا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو