اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اين سي او سي سموري ملڪ ۾ سڀاڻي کان ٻئين مرحلي ۾ تعليمي ادارا کولڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ تعليم واري وفاقي وزير، صوبائي وزيرن ۽ سيڪريٽريز شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ ٻئي مرحلي ۾ تعليمي ادارا 28 سيپٽمبر تي کولڻ وارو سنڌ حڪومت جو فيصلي تي اعتراض ڪندي چيو ته ان جو ڪو جواز ناهي. سنڌ حڪومت هڪ هفتي جي مهلت طلب ڪري ورتي ۽ سنڌ ۾ ان فيصلي تي سڀاڻي عمل نه ٿيندو. اين سي او سي جي اجلاس بعد ڪي پي ۽ پنجاب سرڪار سڀاڻي کان ٻئي مرحلي ۾ تعليمي ادارا کولڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، اجلاس بعد تعليم جي وفاقي وزير شفقت محمود ۽ صحت بابت وزيراعظم جي مشير ڊاڪٽر فيصل چيو ته تعليمي ادارن ۾ ٿيلن ٽيسٽ مان ثابت ٿيو آهي ته هڪ سيڪڙو کان به گهٽ ٻارن ۽ عملي ۾ وائرس آهي ان ڪري تعليمي ادارا کولڻ جو فيصلو ٿيو آهي، ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪرڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي.










