اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)16 مئي کان ملڪ ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ وڏي گهٽتائي جو امڪان آهي.آئل انڊسٽري ذريعن موجب 16 مئي کان ملڪ ۾ پيٽرول جي قيمت ۾ 17 رپيا في ليٽر گهٽتائي جو امڪان آهي.آئل انڊسٽري ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊيزل جي قيمت ۾ 27 رپيا في ليٽر گهٽتائي جو امڪان آهي.ذريعن موجب عالمي مارڪيٽ ۾ خام تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي سبب پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو امڪان آهي.










