ملڪ ۾ وڌيڪ 28 فوت 12 سئو کان وڌيڪ نوان ڪيس رپورٽ

ملڪ ۾ وڌيڪ 28 فوت 12 سئو کان وڌيڪ نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گھوٽو ) ڪورونا سبب ملڪ ۾ وڌيڪ 28 مريض فوت ٿي چڪا آهن ۽ 1200 کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿياآهن.پاڪستان ۾ ڪورونا جي شماريات جي ويب سائيٽ  جي مطابق ، گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ملڪ ۾ 33هزار319 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا ، جن مان 1هزار286 ماڻهن کي ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي چڪي آهي جڏهن ته 28  مريض فوت ٿي وياآهن. سرڪاري رپورٽ مطابق گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا مثبت شرح 3.6 سيڪڙو رهي.ملڪ ۾ ڪورونا کان فوتين جو تعداد 11هزار914 ٿي ويو آهي ۽ ڪيسن جو ڪل تعداد 5لک53هزار 128 تائين پهچي ويو آهي جڏهن ته فعال ڪيسن جو تعداد 32هزار514 آهي.ان کان علاوه  گذريل  24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 1هزار198 مريض ڪورونا کان صحتياب ٿي چڪا آهن  ان کانپوءِ صحتياب ٿيندڙن جو ڪل تعداد 5لک08هزار700 ٿي ويو آهي. سنڌ ۾ ڪورونا جي مريضن جو ڪل تعداد 2لک50هزار043 تائين پهچي ويو آهي جڏهن ته 4هزار066 ماڻهو هينئر تائين فوت ٿي چڪا آهن.پنجاب ۾ ڪورونا جي مريضن جو ڪل تعداد 1لک60هزار162 آهي ۽ وائرس سبب 4هزار854 ماڻهو فوت ٿي  ويا آهن جڏهن ته بلوچستان ۾ مريضن جو ڪل تعداد 18هزار849 آهي ۽ فوتين جو تعداد 196 آهي.خيبرپختونخواهه ۾ ڪورونا جي مريضن جو تعداد 68هزار180  آهي ۽ 1هزار948 فوت ٿي ويا  آهن. جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 9هزار160 ماڻهو وائرس کان  متاثر ٿيا  آهن ۽ 270 فوت ٿي ويا آهن.گلگت بلتستان ۾ ڪورونا جي مريضن جو تعداد هينئر تائين 4هزار915 ٿي چڪو آهي ۽ 102 مريض فوت ٿي چڪا آهن.اسلام آباد ۾ ڪورونا مريضن جو ڪل تعداد 41هزار819 آهي ۽ 478 مريض فوت ٿي چڪا آهن.

،

پهنجو تبصرو موڪليو