ملڪ ۾ مهانگائي وڌيڪ ٿي سگهي ٿي: وزارت جي رپورٽ

ملڪ ۾ مهانگائي وڌيڪ ٿي سگهي ٿي: وزارت جي رپورٽ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ناڻي واري وزارت مهانگائي بابت مهيني جي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي.ناڻي واري وزارت طرفان جاري ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ملڪ ۾ مهانگائي ۾ واڌ جو امڪان آهي، بنيادي شين جي طلب ۽ رسد ۾ فرق سبب مهانگائي وڌي رهي آهي، جڏهن ته شين جي اگهن ۾ واڌ ٿي رهي آهي. گذريل هفتي ۾ پيٽروليم شين جي مهانگائي ۾ به اضافو ٿيو آهي.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ٻوڏ جي اثرن سبب مهانگائي وڌي سگهي ٿي پر مالي سال جي آخر ۾ مهانگائي ۾ گهٽتائي جو امڪان آهي.ناڻي واري وزارت جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته حڪومت آءِ ايم ايف پروگرام کي ڪاميابي سان مڪمل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، ڪرنٽ اڪائونٽ خساري تي ضابطو آڻي پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن تي دٻاءُ گهٽايو ويندو.رپورٽ موجب هلندڙ مالي سال جي 8 مهينن دوران روانگي واپار ۾ 10 سيڪڙو گهٽتائي، برآمدات ۾ 9.7 سيڪڙو ۽ درآمدات ۾ 21 سيڪڙو گهٽتائي ٿي، هلندڙ مالي سال جي 8 مهينن ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 68 سيڪڙو گهٽجي ويو. پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ 68 سيڪڙو گهٽتائي، 40.4 سيڪڙو گهٽتائي آئي.ناڻي واري وزارت موجب 29 مارچ تي اسٽيٽ بئنڪ جا پرڏيهي مٽا سٽا جا ذخيرا 4 ارب 76 ڪروڙ ڊالر هئا ۽ 29 مارچ تي ڊالر جي قيمت 283 رپيا 92 پئسا هئي.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ايف بي آر جي ٽيڪس وصولين ۾ 8 مهينن ۾ 18.2 سيڪڙو اضافو ٿيو جڏهن ته جولاءِ کان فيبروري تائين بجيٽ خسارو 4 سيڪڙو وڌي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو