برساتن جي تباهي، حادثن ۾ 19 ڄڻا فوت، انگ 97 ٿي ويو

برساتن جي تباهي، حادثن ۾ 19 ڄڻا فوت، انگ 97 ٿي ويو

لاهور/ قصور (مانيٽرنگ ڊيسڪ): پاڪستان جي مختلف حصن ۾ جاري چوماسي جي برساتن ملڪ ۾ وڏي تباهي مچائي ڇڏي آهي، جتي گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڇتون ڪرڻ، ڪرنٽ لڳڻ ۽ ٻڏڻ جي مختلف واقعن ۾ وڌيڪ 19 ماڻهو پنهنجي حياتي وڃائي ويٺا آهن، جنهن بعد 26 جون کان هيل تائين فوتين جو گڏيل انگ وڌي 97 ٿي ويو آهي. تفصيل موجب لاهور جي علائقي ڳڙهي شاهو ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب مڙس، زال ۽ سندن نياڻي فوت ٿي ويا، جڏهن ته گجرات ۾ ڇت ڪرڻ جي ٻئي واقعي ۾ 3 سڳا ڀينر ڀائر 15 سالن جو علي، 14 سالن جي ايمان ۽ 13 سالن جو فلڪ شير ملبي هيٺ دٻجي فوت ٿي ويا. قصور، اوڪاڙا، بهاولنگر ۽ ڊسڪه ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب معصوم ٻارڙن سميت ڪيترائي ڄڻا فوت ٿيا آهن، جڏهن ته شيخوپوره ۾ مسافر بس تي بجليءَ جو هاءِ وولٽيج تار ڪرڻ سبب بس ڪنڊيڪٽر ٿڏي تي فوت ۽ 6 مسافر زخمي ٿي پيا. سنڌ جي عمرڪوٽ ۽ ٿرپارڪر ضلعن ۾ به وڄ ڪرڻ ۽ ٻڏڻ سبب 2 فوتگيون رپورٽ ٿيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو