ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سپريم ڪورٽ جي جسٽس اطهر من الله خميس ڏينهن چيو آهي ته ملڪ ۾ “آئينِي حڪمراني جي کوٽ” ئي اها اصل سبب آهي جنهن جي ڪري قانون يا آئين بدران اشرافيه جو قبصو قائم آهي. ڪراچي بار ايسوسيئيشن (KBA) کي خطاب ڪندي هن چيو: ”مون کي ڪيترن ئي هاءِ ڪورٽ جي حڪمن ۾ لکڻو پيو ته ملڪ ۾ نه آئين آهي نه ئي قانون جي حڪمراني؛ هتي رڳو اشرافيه جو قبضو آهي“۔ هن وڌيڪ چيو ته هي صورتحال آئينِي حڪمراني جي کوٽ جو نتيجو آهي۔ هن چيو ته ملڪ جي عدليه جي تاريخ ”مون لاءِ فخر جوڳو باب نه آهي“۔ جج چيو ته سندس نسل پنهنجو وقت گذاري ڇڏيو، ملڪ کي جيترو نقصان پهچائي سگهيا سو پهچايو ۽ هاڻي هنن کي ان ڳالهه کان نه ڊڄڻ گهرجي ته ان جو اعتراف ڪن، ڇو ته ڪنهن ٻئي تي الزام نٿو مڙهي سگهجي۔ هن چيو ته هي عمل سڄي ملڪ جي تاريخ ۾ ورجائبو رهيو آهي۔ جسٽس من الله چيو ته حلف موجب ججن تي ذميواري آهي ته هو بغير خوف ۽ جانبداري جي آئين جو دفاع ڪن ۽ قانون مطابق فيصلا ڏين۔ هن چيو ته عدليه جي هر سطح تي جج قسم جي پابند آهن ۽ الله ۽ عوام جي اڳيان جوابده آهن۔ هن وضاحت ڪندي چيو ته جيڪڏهن ملڪ ۾ آئينِي حڪمراني جي کوٽ آهي ۽ هو پاڻ جج هوندي به ان بابت ڪجهه نه ڪري، ته پوءِ هو رڳو آئين جو ئي نه پر پنهنجي حلف جي به ڀڃڪڙي ڪندڙ ٿيندو۔ ”بدقسمتي سان اسان کي مسخ ٿيل تاريخ پڙهائي ويندي آهي، ڪو به سچ نٿو ٻڌائي۔ اسان جي نسل جيڪو ڪجهه ڪري سگهيائين سو ڪيو، هاڻي وڌ ۾ وڌ اهو ئي ڪري سگهون ٿا ته واڳ اوهان (نئين نسل) کي حوالي ڪريون ۽ اوهان کي گهٽ ۾ گهٽ سچ ٻڌايون۔ ”اهي سماج جتي سچ دفن ٿي وڃي ۽ ڳالهائجي ئي نه، اُهي سماج ختم ٿي وڃن ٿا۔“ جسٽس من الله وڌيڪ چيو ته تاريخ مان ڪڏهن به ڪو سبق نه سکيو ويو۔ هن چيو: ”1971ع ۾ ملڪ جي ورهاست جي جڙ تڏهن وڌي وئي هئي جڏهن سول-ملٽري بيوروڪريسي آئين ساز اسيمبلي ٽوڙي ڇڏي هئي“۔ هن واضح ڪيو ته جيتوڻيڪ ملڪ جي تاريخ ۾ آزاد ۽ دلير جج موجود رهيا، پر ”عدليه ڪڏهن به اهو ڪردار ادا نه ڪيو جيڪو کيس ڪرڻ گهرجي ها“۔ هن وڌيڪ چيو ته آئين عوام جي مرضي جو اظهار آهي، جيڪو عوام کي چونڊيل نمائندن ذريعي حڪمراني جو حق ڏئي ٿو۔ ان موجب ڪنهن به اداري يا سياسي عهديدار کي سياسي انجنيئرنگ ڪرڻ جي اجازت ناهي ۽ نمائندن کي صرف صاف ۽ شفاف چونڊن ذريعي چونڊيو وڃي۔ ”بدقسمتي سان، اسان جي تاريخ ۾ اهو به رڳو هڪ خواب رهيو آهي“۔ ’هائبرڊ سسٽم جو مطلب آمريت آهي‘ جسٽس من الله چيو ته ملڪ ۾ ’هائبرڊ سسٽم‘ بابت ڳالهھ ڪرڻ دراصل آمريت جو اعتراف آهي۔ ياد رهي ته جولاءِ ۾ دفاع واري وزير خواجا آصف موجوده ’هائبرڊ رجيم‘ جو اعتراف ڪندي ان جي تعريف ڪئي هئي، جيڪو اصل ۾ فوج ۽ سياسي حڪومت جي غير رسمي طاقت ورهاست کي بيان ڪري ٿو، جنهن ۾ فوج وڏي حد تائين اثرانداز ٿئي ٿي۔ جسٽس من الله چيو ته جنهن کي اڄ ”هائبرڊ سسٽم“ چيو وڃي ٿو، ان جو مطلب آهي ته ”هتي آمريت آهي ۽ آئينِي حڪمراني ناهي“۔ هن چيو ته اڳتي وڌڻ جو رستو صرف هڪ آهي: آئين تي عمل ڪيو وڃي ۽ ملڪ کي ان مطابق هلائجي، نئين ايندڙ نسل سان گڏجي۔ ”هي نوجوانن جو آدرش ملڪ ۾ تبديلي آڻيندو۔ اسان ڄاڻون ٿا ته بنيادي حق بي معنيٰ ٿي ويا آهن، اظهار جي آزادي ناهي، سياسي سوچ ۽ تنقيد تي پابندي آهي“، هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن اظهار جي آزادي تي قدغن نه لڳي ها ته ملڪ ورهائجڻ تائين نه پهچي ها۔










