ملڪ ڏکين حالتن مان نڪري معاشي استحڪام ڏانهن وڌي پيو

ملڪ ڏکين حالتن مان نڪري معاشي استحڪام ڏانهن وڌي پيو

ڊيووس (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ڏکين حالتن مان نڪري چڪو، هاڻ ملڪ اقتصادي استحڪام ڏانهن وڌي رهيو آهي.ڊيووس ۾ خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي برآمدن تي ٻڌل ترقي جو رستو اختيار ڪرڻو پوندو، ملڪي نظام ۾ بنيادي ڍانچن ۾ سڌارا ڪيا ويا آهن.هن چيو ته پاڪستان هاڻ سفارتي اڪيلائي مان نڪري آيو آهي ۽ زراعت جي شعبي ۾ سيڙپڪاري اچي رهي آهي، پاڪستان ۾ معاشي انگ اکر هاڻ مطمئن ڪندڙ آهن.سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۾ هاڻ معدنيات جي شعبي ۾ وڏي سيڙپڪاري ٿي آهي، اسان روينيو گڏ ڪرڻ جي نظام ۾ وڏيون تبديليون ڪيون آهن، حڪومت نوجوانن کي تربيت فراهم ڪرڻ ۽ هنرمند بڻائڻ لاءِ ڪيترائي پروگرام شروع ڪيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو