ملڪ جي مختلف شهرن ۾ اٽو 4 کان 6 روپيا ڪلو مهانگو

ملڪ جي مختلف شهرن ۾ اٽو 4 کان 6 روپيا ڪلو مهانگو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي اڪثر شهرن ۾ اوچتو اٽو مهانگو ٿي ويو آهي ۽ مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ جي فراهمي گهٽ ٿي وئي آهي. ڪراچي ۾ 4 روپيا ڪلو ۽ ٻين شهرن لاهور، پشاور ۽ ڪوئٽا ۾ 6 روپيا في ڪلو اٽو مهانگو ٿي ويو آهي. هڪ پاسي حڪومت عام واهپي جي شين جا اگهه گهٽائڻ جي ڳالهه پئي ڪري پر اهڙي صورتحال ۾ هڪ ئي ڏينهن 6 روپيا اٽو مهانگو ٿيڻ عمران خان جي حڪومت لاءِ وڏو جهٽڪو آهي. ڪراچي ۾ 10 ڪلو جو ٿيلهو 600 مان وڌي 640 روپيا ٿي ويو آهي، ڪوئٽا ۾ 650 روپيا ۽ پشاور 660 روپيا ٿي ويو آهي. پشاور ۾ نانوائي ايسوسيئيشن ماني جو اگهه وڌائڻ جو مطالبو ڪيو آهي ٻئي صورت ۾ هنن هڙتال جي ڌمڪي به ڏني آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو