مير ذوالفقار چانڊيو
اڄ ڪلھ ملڪ جا جيڪي حساس نازڪ حالات آھن انھن حالتن کي ڏسي سنڌي ٻوليءَ جو ھڪ پھاڪو ياد اچي رهيو آهي ته جھڙي ڪرڻي تھڙي ڀرڻي سڀ کان پهرين اھو پھاڪو پاڪستان تحريڪ انصاف جي مٿان ٺھي ٿو ڇو ته جڏهن پوئين سال رمضان شريف جي مھيني تحريڪ لبيڪ پاڪستان پارٽي پاران گستاخ خاڪن خلاف فرانسيسي سفير کي ملڪ نيڪالي ڏيڻ لاءِ لاھور کان اسلام آباد جي طرف مارچ ڪرڻ جو اعلان ڪيو ھو ته ان وقت وزيراعظم عمران خان سميت سندس ڪابينا تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي مارچ کي ملڪ خلاف سازش چئي انھن کي ملڪ جي غدارن جا لقب ڏئي ڪارڪنن خلاف ملڪ گير ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويو نتيجي ۾ ھزارين ڪارڪنن کي گرفتار پڻ ڪيو ويو تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي پرامن مارچ کي روڪڻ ناڪام بنائڻ جي لاءِ ان وقت تحريڪ انصاف جي پنجاب حڪومت طرفان جيڪا طاقت استعمال ڪئي وئي ھئي اھا اڄ به رڪارڊ جو حصو آهي ڀلاري مهيني ۾ ناموس رسالت جي پھريدارن کي لاھور جي چوڪ يتيم خانا بتي چوڪ نيازي اڏي سميت مختلف جڳهن تي پنجاب پوليس پاران ڪارڪنن کي سخت تشدد جو نشانو بڻائڻ سان گڏ شيلنگ ڪري سڄي لاھور شھر کي ميدان جنگ بڻايو ويو ھو جنھن جي نتيجي ۾ ان وقت تحريڪ لبيڪ پاڪستان جا 20 کان مٿي جانثار روزي جي حالت ۾ شھيد ڪيا ويا ھئا ان وقت تحريڪ انصاف حڪومت جي حوس ۾ ايترو ته اڳتي نڪري چڪي هئي جو انھن کي پرامن شھري ته ڇا پر حضور اڪرم صلي الله عليه وسلم جن جي ناموس به وسري وئي ھئي ان وقت صوبائي حڪومت سان گڏ وفاقي حڪومت کي پنھنجا معاھدا به وسري ويا هئا تحريڪ انصاف جي حڪومت پنھنجي ڪاوڙ غصي ۾ اچي تحريڪ لبيڪ پاڪستان کي ڪالعدم قرار ڏيڻ ۾ دير نه ڪئي خير ان وقت جي نيڪ نمازي مظلومن جي دل مان نڪتل آھون ڪوڪون بددعائون آسمان تائين پھچڻ ۾ دير نه ڪيون بلڪل حقيقت آهي ته الله وٽ دير آهي انڌير ناھي ٺيڪ ھڪ سال کان پوءِ ساڳيءَ رمضان شريف جي مھيني ۾ تحريڪ انصاف جي پنجاب حڪومت سان گڏ وفاقي حڪومت جو خاتمو اچي ويو جنهن جي ٺيڪ ھڪ مھيني کان پوءِ پاڪستان تحريڪ انصاف 25 مئي تي وقت جي حڪومت خلاف مارچ ڪرڻ ڊي چوڪ اسلام آباد ۾ ڌرڻو ڏيڻ لاءِ اعلان ڪيو جيڪو صرف اعلان نه پر حقيقت ۾ تبديل ٿي ويو خاص ڪري لاھور ۽ صوابی انٽر چينج کان عمران خان جي قيادت ۾ ھڪ وڏو قافلو اسلام آباد جي طرف روانو ٿيو قافلي جي رواني ٿيڻ سان ئي پوري ملڪ جي ننڍن توڙي وڏن شهرن ۾ پي ٽي آء ڪارڪنن سميت اسمبلي ميمبرن خلاف سخت ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويو جنھن ۾ پوري ملڪ اندر پي ٽي آء خلاف سخت ڪريڪ ڊائون ڪري سوين ڪارڪنن کي گرفتار ڪري کين جيل جي سلاخين پويان موڪليو ويو ڪافي شھرن ۾ پي ٽي آء ڪارڪنن سميت مرڪزي اڳواڻ گھرن تائين محدود بڻجي ويا اھڙي سنگين صورتحال کان پوءِ ملڪ جي مختلف شھرن ۾ پوليس ۽ پي ٽي آء ڪارڪنن ۾ جھيڙا به ٿيندا رھيا ته شيلنگ جو سرعام استعمال ڪيو ويو لاھور ۾ سابقہ صوبائي وزير ياسمين راشد جي گاڏي کي سخت نقصان رسايو ويو جنھن سبب سڄي ملڪ اندر سنگين خطري واري صورتحال پيدا ٿي وئي ته سپريم ڪورٽ پاران ان سڄي صورتحال جو جائزو وٺندي پي ٽي آء کي ڊي چوڪ جي متبادل سري نگر ھاء وي سميت مختلف جڳهن تي صرف جلسي ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ جو حڪم ڏنو ويو پر تحريڪ انصاف پنھنجي ضد انا ھوڏ تي قائم رھندي سپريم ڪورٽ جو فيصلو ھوا ۾ اڏائي ڇڏيو نيٺ رات دير سان عمران خان جي قيادت ۾ پي ٽي آء جو قافلو ڊي چوڪ پھتو ته اتي به صورتحال ڪنھن خطري کان گھٽ نه ھئي پي ٽي آء جي ڪارڪنن پاران ھر طرف باھ لڳائي علائقي کي ميدان جنگ ۾ بدلائي ڇڏيو ھو عمران خان پنھنجي ھزارين ڪارڪنن سان گڏ رات ڊي چوڪ تي رھڻ کانپوءِ صبح سوير اٺ بجي ڪارڪنن کي خطاب ڪندي وفاقي حڪومت کي صرف 6 ڏينهن جي مھلت ڏيندي پنھنجي مارچ يا جلسي کي ختم ڪري واپس پنھنجي علائقن ڏانهن وڃڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو ھتي ماضيءَ جي ھڪ حقيقت بيان ڪجي ٿي عمران خان پنهنجي سياسي سؤٽ طاھر القادري سان گڏ 2014ع ۾ ساڳي نواز ليگ حڪومت خلاف لاھور کان آزادي مارچ شروع ڪيو ھو جيڪو ڊي چوڪ تي پھچڻ کان پوءِ ھڪ ڌرڻي جي شڪل اختيار ڪري ويو ھو جيڪو 126 ڏينهن تائين ڌرڻو جاري ھيو ان ڌرڻي ۾ ايترو فتنو فساد ھنگامو يا پي ٽي آء ڪارڪنن خلاف ڪنھن بہ قسم جي وٺ پڪڙ ڪريڪ ڊائون نه ٿيو هو پر ھاڻي به اپوزيشن حڪومت ماضيءَ جي ساڳي آهي پوءِ ايترو ڪريڪ ڊائون ھنگاما وٺ پڪڙ ڇو ڪئي وئي جنھن مان عمران خان سندس پارٽيءَ لاءِ ھي پھاڪو سچ ثابت ٿي رهيو آهي ته جھڙي ڪرڻي تھڙي ڀرڻي جيڪڏهن تحريڪ انصاف جي صوبائي توڙي وفاقي حڪومت پوئين سال رمضان شريف جي بابرڪت مھيني ۾ پرامن تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي ڪارڪنن تي سڌيون گوليون نه ھلائي ھا انھن خلاف وٺ پڪڙ نه ڪري ھا ته شايد اڄ ملڪ جي اھڙي صورتحال نه هجي ها پر حقيقت آهي ته جھڙي طرح عمران خان حڪومت تحريڪ لبيڪ جي ڪارڪنن کي سخت تشدد ۽ وٺ پڪڙ ڪئي ھئي موجوده حڪومت پي ٽي آء مارچ خلاف 30 فيصد به اھڙي ڪاروائي نه ڪئي آهي بس موجوده ملڪي صورتحال ۾ عمران خان ۽ سندس پارٽي لاءِ سنڌي ٻوليءَ جو ھي پھاڪو سچ ثابت ٿيو آهي ته جھڙي ڪرڻي تھڙي ڀرڻي اڄ سچ ثابت ٿي ويو ته الله وٽ دير آهي انڌير ناھي منھنجي ذاتي خيال ۾ مستقبل قريب ۾ پي ٽي آء ۽ سندس ليڊرشپ خلاف اڃا ڪجھ وڌيڪ ٿيڻ وارو آهي ڇو ته امن پسند روزيدارن مظلومن جون آھون دانھون ڪوڪون ائين رائيگان ضايع نه وينديون انھن جو اثر دير سوير ضرور ظاهر ٿيڻو آهي پي ٽي آء سميت سندس ليڊرشپ جو مستقبل ڀيانڪ ثابت ٿي سگهي ٿو وڌيڪ ايندڙ ڪجھ ڏينهن اھم آھن جنھن ۾ تحريڪ انصاف کي وڌيڪ ڪجھ نقصان ٿي سگهي ٿو










