ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو مسافر جهاز کي روڊ ذريعي هڪ شهر کان ٻئي شهر منتقل ڪيو پيو وڃي. جهاز کي 10 ويلر ٽرڪ ۽ 40 ويلر ٽريلر تي کڻي حيدرآباد پهچايو پيو وڃي.ذريعن موجب مسافر جهاز کي روڊ جي رستي ڪراچي کان حيدرآباد پهچايو پيو وڃي، جهاز کي روڊ ذريعي هڪ شهر کان ٻئي شهر منتقل ڪرڻ جو ملڪي تاريخ جو اهو پهريون آپريشن آهي.جهاز جي منتقلي لاءِ خصوصي ٽرڪ ۽ ٽرالي استعمال ڪئي پئي وڃي. جهاز کي حيدرآباد ۾ سول ايوي ايشن ٽريننگ انسٽيٽيوٽ ۾ رکيو ويندو، جڏهن ته جهاز تربيتي مقصدن جي لاءِ استعمال ٿيندو.ڊيميج ٿيل جهاز کي تربيتي مقصدن لاءِ حيدرآباد منتقل ڪيو پيو وڃي. جهاز جي پرن سميت انجڻ ۽ ڦيٿا الڳ ڪيا ويا آهن. جڏهن ته ڪراچي کان حيدرآباد جهاز کي کڻي اچڻ لاءِ روڊ جو هڪ پاسو عام ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو آهي.انهي حوالي سان ٽرانسپورٽر همايون خالد ٻڌايو ته جهاز جي ڊيگهه 110 فٽ ۽ وزن 40 ٽن آهي اهو ناڪاره جهاز بوئنگ 737 آهي جنهن ۾ 240 ماڻهن جي سفر ڪرڻ جي گنجائش آهي. همايون خالد موجب جهاز کي رات دير سان ايئرپورٽ کان سپر هاءِ منتقل ڪيو ويو جتان کان ان کي حيدرآباد منتقل ڪيو پيو وڃي.ٻئي طرف موٽروي پوليس چيو آهي ته جهاز کي پروٽوڪول جي تحت منتقل ڪيو پيو وڃي. جهاز جي منتقلي دوران موٽر وي کي بلاڪ نه ڪيو ويندو. جهاز کي منتقل ڪرڻ لاءِ گاڏي روڊ جي ڪناري کان هلائي ويندي، انهي دوران سول ايوي ايشن ۽ نجي ڪمپني سميت ٽرانسپورٽر جو عملو پڻ موجود رهندو.










