ڪراچي (دريا خان شر) صوبائي اينٽي ڪرپشن ڪورٽ ٽيڪس جي ٺيڪي ۾ ڪرپشن ڪرڻ واري ڪيس ۾ ڪراچي ضلع ڪائونسل جي چيئرمين سلمان عبدالله مراد, حاڪم علي جسڪاڻي ۽ ٻين جوابدارن کي ڪيس جون ڪاپيون فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏيندي سندن مٿان 12 ڊسمبر فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اينٽي ڪرپشن پاران عدالت ۾ پيش ڪيل چالان ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته سلمان عبدالله مراد ۽ ٻين تي ٽيڪس جي مد ۾ اربين رپين جي هير ڦير جو الزام آهي. کير ڏيندڙ جانورن جي سالياني ٽيڪس وصولي جي ٺيڪي جي آڙ ۾ غير قانوني ٽيڪس وصول ڪيو پيو وڃي، ڄاڻايل ٽيڪس وصولي وارو ٺيڪو ئي غير قانوني طور تي آڪشن ڪيو ويو هو. چالان ۾ وڌيڪ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ملي ڀڳت سان ٽينڊر آڪشن ڪرڻ جي جعلي ڪارروائي ڏيکاري گهر ويٺي ٺيڪو جاري ڪيو ويو، ڄاڻايل جوابدارن ملي ڀڳت ڪري اهو ٺيڪو هڪ ئي ٺيڪيدار حاڪم جسڪاڻي کي مختلف نالن سان جاري ٿيندو رهيو. مالي سال 13-2012ع ۾ اهو ٺيڪو ان وقت جي سٽي ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ ڪراچي طرفان 11 ڪروڙ رپين ۾ جاري ڪيو ويو، سال 2013ع ۾ ضلعي ڪائونسل جي بحالي بعد ڄاڻايل ٽيڪس وصولي جي ٺيڪي تي ضلعي ڪائونسل ڪراچي غير قانوني طور قابض ٿي وئي. چالان ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته مالي سال 14-2013ع ۾ اهو ئي ٺيڪو ضلعي ڪائونسل ڪراچي صرف سوا 3 ڪروڙ رپين ۾ جاري ڪيو، اهو ٽيڪس صرف ضلعي ڪائونسل ڪراچي جي حدن ۾ قائم واڙن ۾ موجود کير ڏيندڙ جانورن جي مالڪن کان وصول ڪيو ويندو هو. ضلعي ڪائونسل ڪراچي جي چيئرمين ۽ آفيسرن ملي ڀڳت ڪري ٺيڪيدار کي شهر جي داخلي رستن تي چنگيون قائم ڪرايون ويون ٺيڪيدار شهر ۾ داخل ٿيندڙ سمورن جانورن جو ٽيڪس وصول ڪندا رهيا. مالي سال 20-2019ع جو ٺيڪو صرف 8 ڪروڙ 75 لک رپين ۾ جاري ڪيو ويو ۽ ٽيڪس وصولي سوا ارب رپين جي لڳ ڀڳ آهي. پيش ڪيل چالان ۾ چيو ويو آهي ته ٽيڪس وصولي جي طريقيڪار ۾ به وڏي پئماني تي بيقاعدگيون ڪيون پيون وڃن، قانون مطابق اها ٽيڪس وصولي صرف ڪائونسل جا ملازم ڪري سگهن ٿا. جانورن جي هيلٿ ڪليئرنس في ته وصول ڪئي پئي وڃي پر وٽنري ڊاڪٽر موجود ئي ناهن هوندا ٻه وٽنري ڊاڪٽر به جعلي نڪتا جيڪي پنهنجون ڊگريون به پيش نه ڪري سگهيا. چالان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڪراچي جي ٺيڪي کي انهي طرح جاري رکيو وڃي ته اهو ئي ٺيڪو هڪ ارب رپين ۾ آڪشن ٿي سگهي پيو. ڄاڻايل چيڪ پوسٽ تان پوليس جون جعلي موبائل، 4 جعلي پوليس اهلڪارن سميت ڪيترن ماڻهن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو هو.










