خاصخيلي لطيف راولاڻي
ملير جي تاريخي ماڳ مڪانن جي حالت انتھائي خراب آھي جن تي ڪابه توجھ ڪونه ٿي ڏني وڃي ۽ اھي ماڳ مڪان آھسته آھسته ختم ٿيندا پيا وڃن انھن ۾ ڪافي اھڙا ماڳ مڪان آھن جتي اڄ ڏينھن تائين ھي ادارو ۽ آرڪيالاجي جا ماھر به نه پھتا آھن ۔انھن جي نشاندھي به نه ٿي سگھي آھي انھن تاريخي ماڳن جا رھواس انھن ماڳن جي باري ۾ ڪافي معلومات پڻ رکن ٿا ۽ ھر قسم جو سھڪار ڪرڻ جي لاء به تيار آھن ۔انھن تاريخي ماڳن کي بچايو وڃي جنھن سان سنڌ جي تاريخ بچي پوندي انھن ماڳن ۾ چند ماڳ مڪان ھن ريت آھن ۔ميمڻ ڳوٺ ملير کان ٽن ڪلوميٽرن تي دنبه ڳوٺ جي ويجھو تاريخي چوکنڊي قبرستان آھي جنھن جو تاريخ جي ڪتابن ۾ به ذڪر آيل آھي جيڪي قبرون جھرڪن جي قبرستان سان مشاھبت رکن ٿيون ۔اھي چارديواري نه ھئڻ ڪري مڪمل طور تي تباه ٿي رھيون آھن اتي لڳل بورڊ به ڪري چڪو آھي ۔۽ عام ماڻھن جيڪي تاريخ ۽ تحقيق کان اڻ واقف آھن انھن ھن تاريخي قبرستان مان رستو پڻ ٺاھي ڇڏيو آھي ۔جتان ھاڻي رستو ٺاھي گاڏين جي اچ وڃ شروع ٿي چڪي آھي ۽ اھڙي ريت ھي تاريخي چوکنڊي قبرستان مڪمل طور تي ختم ٿي رھيو آھي ڪوبه وس وارو عملدار ۽ آرڪيالاجي کاتي وارا ھن ماڳ کي بالڪل نظر انداز ڪري رھيا آھن۔ ايندڙ ڪجھ سالن ۾ ھي تاريخي ماڳ مڪمل طور تي ميسارجي ويندو۔۔ٻيو اھم تاريخي ماڳ مڪان ڌاٻيجي ۾ سالار جوکيو ڳوٺ جي ويجھو درگاه جمن شاه بخاري جي ڀر ۾ تاريخي کجين جو باغ جتي مختلف ذائقن ۾ کجور ٿيندي ھي جيڪو ڀنڀور کان ھڪ ڪلوميٽر تي آھي ۽ قديمي ماڳ آھي جنھن کي ڪن تاريخي مورخن سسئي جي باغ سان تشبيھ ڏني آھي ۔جتان سسئي جي واٽ پڻ آھي ان جي به چارديواري ڏياري محفوظ ڪيو وڃي ۔اتان ڪراچي کي پاڻي پھچائڻ جي لاء ڪينجھر کان ٻه ٽي لائنون ۽ فلٽر پلانٽ جو پروجيڪٽ به ٺھيل آھي جنھن جي ڪري ھي تاريخي ماڳ مڪان تباھي جي ڪناري تي آھي ۔ٻئي پاسي ريلوي جي پٽڙي ويجھو ھئڻ ڪري ان تاريخي ماڳ تي ريلوي جون ناپاڪ نظرون آھن جيڪو ان کي ختم ڪري پنھنجي ملڪيت ٺاھڻ جي چڪر ۾ سرگردان آھي ته ھن تاريخي ماڳ کي ختم ڪيو وڃي جئين عام ماڻھن ۽ سياحن جي تفريح کي ختم ڪيو وڃي ۔واضح رھي ته دنيا جي ڪافي ملڪن جي معيشت صنعنت جو دارو مدار قديم ماڳن تي ھوندو آھي.ان سان ئي ملڪي ترقي ڪندو آھي ۽ ملڪ جي معيشيت مضبوط ٿيندي آھي پر ھتي ان جي ابتڙ ڪم ٿي رھيو آھي تاريخي ماڳن کي بچائڻ جي بدران انھن کي ختم ڪيو پيو وڃي ۔سسئي جو تاريخي باغ جنھن جو ڪافي ڪتابن ۾ به ذڪر يل آھي ھي ماڳ ھاڻي پوين پساھن ۾ ان طرف جلدي ڌيان نه ڏنو ويو ته ھي به صرف ڪتابن ۾ رھجي ويندو اھڙا ٻيا به تمام گھڻا ملير جي علائقي ۾ ماڳ مڪان موجود آھن جيڪي تباھي جي ڪناري تي پھچي چڪا آھن ۔انھن جي مالڪي نه ڪئي وئي ته اھي سرزمين تان ميسارجي ويندا انھن ۾ خاص طور تي مھرجبل جو تاريخي ماڳ تاريخي لومڙين ۽ ڪلمتين جي جنگ جو قلعو ۔موکي جا آثار ۔مول ڊيم ڪنڍ جھنگ جا تاريخي آثار ۔تاريخي قبرون ۔ڊملوٽي جا ست کوه ۔قديمي ريسٽ ھاوس ۔بحريه ٽاون ۾ آيل شاه جو تڪيو ۔قديم زماني جو ماتم گاه جتي پري پري کان عذادار اچي ماتم ڪندا ھئا جنھن جو نالو حشرپڙ بلوچي زبان ۾ مقامي ماڻھو داسر پڙ پڻ چون ٿا جيڪو ملير ندي ويجھو اولڊ ٿاڻو وليج ۾ واقع آھي جنھن جا آثار مڪمل طور تي ختم ٿي ويا آھن ۔اھڙا ٻيا تمام گھڻا ماڳ مڪان آھن جيڪي مڪمل طور تي ميسارجي ويا آھن باقي جيڪي بچيا آھن انھن کي بچائڻ جي سخت ضرورت آھي ٻي صورت ۾ ايبدڙ ڏينھن ۾ آھي مڪمل ميسارجي ويندا .










