ملهه پهلوان دل جي دوري سبب فوت، مٽيءَ ماءُ حوالي

ملهه پهلوان دل جي دوري سبب فوت، مٽيءَ ماءُ حوالي

گلاب لغاري (ن سنڌيار)گلاب لغاري شھر جو رھواسي ملهه پھلوان عبدالرحمان لغاري اوچتو دل جي دوري پوڻ سبب 63 ورھين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. مرحوم 1977۾  ۾ ملهه جي ميدان ۾ پير پاتو جڏهن ته پنهنجي جواني جا 25 سال ملهه راند لاء وقف ڪري ڇڏيا مرحوم نوراني سرڪار سچل سرمست ڀٽ شاھ سمن سرڪار قلندر لعل شھباز سانوڻ فقير ماڪن شاهه مخدوم اسماعيل اگھم ڪوٽي مصري شاهه سميت ٻين درگارھن جي ميلن ۽ ورسين جي ڏھاڙن دوران ٿيندڙ ملهه ملاکڙن توڙي سرڪاري سطح تي ٿيندڙ مقابلن ۾ حصا ورتا ۽ نالي وارن ملهه پھلوانن سان سوين مقابلا ڪري  ڪيترائي ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪيا. مرحوم جي جنازي نماز گلاب لغاري جي جامع مدينه مسجد ۾ ادا ڪرڻ بعد سندس مڙھ کي تاريخي ماڳ اگھم ڪوٽ جي قبرستان ۾ مٽي ماء حوالي ڪيو ويو ٻئي پاسي گلاب لغاري ۾ سندن پٽن منور حسين ۽ محمد خان لغاري سان تعزيت جو سلسلو ھلندڙ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو