ملهه مقابلا پنهور ۽ بلوچ ميدان ماري ورتو، جمالي بيهوش

ٽنڊو محمد خان )مظفر علي  بروهي( گلاب لغاري ۾ عيدالاضحي جي موقعي تي ملاکڙو پھلوان راجا پھنور ۽ نويد بلوچ ميدان ماري ورتو ان سلسلي ۾ گلاب لغاري شھر ۾ عيدالاضحي جي موقعي تي ملهه ايسوسيئيشن سنڌ جي سرپرست اعليٰ محبوب خان سريوال جي نگراني ھيٺ ھڪ ڏينهن وارو ملهه مقابلو ٿيو ملاکڙو ڏسڻ لاء شوقينن جو وڏو انگ موجود ھو ملاکڙي جي ميدان ۾ مقابلو ڪرڻ لاء نالي وارن ملھ پھلوانن ۾ غلام حسين سريوال نويد بلوچ سومار ٿيٻو اخلاق سريوال راجا پھنور عاشق کوسو حسين لغاري بوسڪي پنجابي زوھيب جمالي علي حسن ٿيٻو ۽ ٻيا شامل ھئا پھلوانن ھڪ ٻي سان زور آمائي ڪندي سخت مقابلا ڪري شوقينن کي خوش ڪري ڇڏيو ۽ خوب داد حاصل ڪيو آخر ۾ نويد بلوچ اخلاق سريوال ۽ بوسڪي پنجابي کي ملھون دسي ڪاميابي حاصل ڪئي جڏهن ته راجا پنھور پنهنجي حريف پھلوانن عاشق کوسو زوھيب جمالي کي مات ڏني پھلوان زوھيب جمالي ڌڪ اچڻ بعد بيھوش ٿي پيو جنهن کي ٻين پھلوانن پاڻي جا ڇنڊا ھڻي ھوش ۾ آندو.

پهنجو تبصرو موڪليو