ملتان کي 8 وڪيٽن تان شڪست، عثمان ۽ معاذ جون ففٽيون

ملتان کي 8 وڪيٽن تان شڪست، عثمان ۽ معاذ جون ففٽيون

لاهور(ويب ڊيسڪ) حيدرآباد 15.2 اوورن ۾ 162 رنز ٺاهي ملتان کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ايندڙ ميچ لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو. جمعي تي اسلام آباد سان مقابلو ٿيندو. جيڪو کٽيندو اها ٽيم پشاور سان فائينل کيڏندي. معاذ  صداقت 3 ڇڪن ۽ 8 چوڪن جي مدد سان 35 بالن تي 64 رنز نات آئوٽ ٺاهيون ۽ صائم ايوب 15 بالن تي 15 رنز ٺاهي نات آئوٽ رهيو. ان کان اڳ بظاهر 160 رنز جي آسان ٽارگيٽ لاءِ حيدرآباد جي بيٽن جاري آهي، ڪپتان مارنس لبوشين 11 رنز ٺاهي محمد اسماعيل جي بال تي صاحبزاده فرحان هٿان ڪيچ ٿي ويو. معاذ صداقت ۽ عثمان خان جي زبردست بيٽنگ جاري آهي. پاور پلي ۾ 67 رنز ٺاهيون، ٻنهي ۾ 26 بالن تي 50 رنز جي پارٽنرشپ ٿي، جنهن ۾ معاذ صداقت 9 بالن تي 27 رنز ٺاهيون.عثمان خان 31 بالن تي ففٽي مڪمل ڪئي اسٽيو سمٿ کي 2 ڇڪا هڻي 35 بالن تي 64 رنز ٺاهي محمد نواز هٿان ڪيچ ٿيو. هن  3 ڇڪن ۽ 8 چوڪن جي مدد سان 64 رنز ٺاهيون. صائم ايوب آيو، جنهن بعد معاذ صداقت به 25 بالن تي 3 ڇڪن ۽ 3 چوڪن جي مدد سان ففٽي مڪمل ڪئي. ان کان اڳ حيدرآباد ڪنگز مين ٽاس کٽي ملتان سلطانز کي بيٽنگ جي دعوت ڏني. اسٽيو سمٿ ۽ صاحبزاده فرحان اننگ شروع ڪئي. سمٿ 10 بالن تي 13 رنز ٺاهي محمد علي جي بال تي معاذ صداقت هٿان ڪيچ ٿي ويو. صاحبزاده فرحان به 12 بالن تي 2 چوڪا هڻي 15 رنز ٺاهڻ بعد عاقف جاويد جي بال تي صائم ايوب هٿان ڪيچ ٿيو. جوش فلپي 6 رنز ٺاهيون ته حنين شاهه کيس ايل بي دبليو ڪيو. هن امپائر جو فيصلو چيلينج ڪيو پر فائدو نه ٿيس. ملتان جي ٽيم پاور پلي ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي 47 رنز ٺاهيون. ڪپتان ايشٽن ٽرنر 9 رنس ٺاهي صائم ايوب جي بال تي حسان خان هٿان ڪيچ ٿيو. عرفات منهاس هڪ رن ٺاهي گلين ميڪسويل هٿان ايل بي ڊبليو ٿيو. 10 اوورن ۾ 67 تي اڌ ٽيم آئوٽ ٿي وئي. محمد نواز عاقف جاويد کي 2 چوڪا هڻي 18 رنز ٺاهي محمد علي هٿان ڪيچ ٿيو. 2 رنز ٺاهيندڙعمران رنڌاوا کي محمد علي بولڊ ڪيو. پيٽر سڊل 9 رنز ٺاهي حنين شاهه جي بال تي بولڊ ٿيو. 17 هون اوور ميڪسويل کي شان مسعود 2 ڇڪا هڻي اسڪور اڳت وڌايو. 18 هين اوور ۾ شان .مسعود 36 بالن تي ففٽي مڪمل ڪئي. 19 هين اوور ۾ فيصل اڪرم 4 رنز ڍاهي رن آئوٽ ٿيو آخري اوور حسان خان ڪرايو پهرين بال تي کيس ڇڪو لڳايو، شان ٻه بال مس ڪيا سنگل نه ورتي ڇو ته اسٽرائيڪ پاڻ وٽ رکڻ چاهي پيو آخري بال تي 2 رنز ٺهيا. ملتان جي ٽيم 20 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 159 رنز ٺاهي سگهي. شان مسعود 4 ڇڪن ۽ 4 چوڪن جي مدد سان 48 بالن تي 69 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو