پي ايس ايل 8 جي فيورٽ لاهور قلندر کي ملتان هٿان شڪست

لاهور(ويب ڊيسڪ) ايڇ بي ايل پي ايس ايل (پاڪستان سپر ليگ) پهرين ڪواليفائر ميچ ۾ ملتان سلطانز ميدان ماريندي ٽورنامينٽ جي فيورٽ ۽ گهٽ ميچ هارائيندڙ پوائنٽ ٽيبل جي ٽاپ ٽيم لاهور قلندرز کي 76 رنز تي آل ائوٽ ڪري 84 رنز تان هارائي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي. خميس تي سيڪنڊ ڪواليفائر ۾ اسلام آباد جو پشاور زلمي سان مقابلو ٿيندو، جيڪا ٽيم کٽندي ان جو جمعي تي لاهور سان مقابلو ٿيندو ۽ ان مان جيڪا ٽيم کٽندي اها ملتان سان فائينل کيڏندي. لاهور خلاف ٽاس کٽي ملتان اڳ ۾ بيٽنگ جو فيصلو ڪندي 5 وڪيٽن جي نقصان تي 160 رنز ٺاهيون هيون. لاهور جي خراب فيلڊنگ ۽ ڪيترائي ڪيچ ڊراپ ٿيڻ سبب ملتان جي ٽيم وڏو اسڪور نه ڪري سگهي. بظاهر آسان ٽارگيٽ هو پر ملتان وارن لاهور لاءِ ان وقت خطري جي گهنٽي وڄائي ڇڏي جڏهن عبد الله شفيق ۽ شاهين آفريدي زيرو تي طاهر بيگ ۽ فخر سنگل ڊجٽ اسڪور ڪري پنجين اوور جي خاتمي کان اڳ 28 جي مجموعي اسڪور تي 4 وڪيٽون وڃائي چڪي. جنهن بعد سيم بلنگز ۽ حسين طلعت اسڪور کي اڳتي وڌايو. ملتان جي بالر شيلڊن ڪوٽريل ارلي بريڪ ٿرو ڪندي 3 وڪيٽون ورتيون.

چوٿون شڪار انور علي ڪيو جنهن بيٽ ۽ پيڊ جي وچان سلو بال تي فخر کي بولڊ ڪيو. ڏهين اوور ۾ حسين طلعت 4 رنز تي عثمان خان جي ٿرو تي رن آئوٽ ٿيو ۽ سڪندر رضا هڪ رن ٺاهي پولارڊ جي بال تي عباس آفريدي رننگ ڪيچ پڪڙي آئوٽ ڪيو، لاهور جا 50 رنز تي 8 آئوٽ ٿي چڪا هئا پر بعد ۾ ڊيوڊ ويزي ۽ حارث رئوف بهتر شاٽس کيڏيا ۽ اسڪور 76 تائين پهچايو پر تيسين رن ريٽ 12 کان به مٿي ٿي چڪو هو ۽ ڊيوڊ ويزي کي 12 رنز تي اسامه ايل بي دبليو ڪيو. ميچ ملتان جي هٿ ۾ اچي ويو هو. اسامه مير 2 ۽ عباس آفريدي آخري وڪيٽ وٺي ميچ فنش ڪئي. ان کان اڳ لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ ملتان سلطانز جي ڪپتان محمد رضوان ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. ٻئي طرف لاهور قلندرز جي ڪپتان شاهين شاهه آفريدي چيو آهي ته جيڪڏهن ٽاس کٽي ها ته پهريان بالنگ جو فيصلو ڪريون ها.ملتان جي پهرين وڪيٽ 53 جي مجموعي اسڪور تي ڪري جڏهن عثمان خان 28 بالن تي 29 رنز ٺاهي حارث جي بال تي بولڊ ٿيو. ٻئي وڪيٽ 70 جي مجموعي اسڪور تي ڪري جڏهن رلي روسو 12 رنز ٺاهي زمان خان جي بال تي حارث هٿان يارهين اوور جي پهرين بال تي ڪيچ ٿيو. رضوان به ٻوٽو نه ٻاريو ۽ تيرهين اوور م راشد خان جي بال تي 33 رنز ٺاهي بولڊ ٿيو. جنهن بعد ڪيرن پولارڊ ۽ ٽم ڊيوڊ اسڪور اڳتي وڌايو پراوور ٿورا بچا هئا. پولارڊ 31 بالن تي ففٽي مڪمل ڪئي، شاهين جي آخري اوور ۾ 20 رنز ٺاهيون، 57 جي ذاتي ۽ 155 جي مجموعي اسڪور تي حارث جي بال تي بولڊ ٿيو. حارث ٽئين بال تي خوشدل کي به بولڊ ڪيو سندس ٻئي بال 150 ڪلوميٽر جي رفترا واريون هيون. هن کي هيٽ ٽرڪ جو چانس مليو پر قسمت ساٿ نه ڏنس. انور علي رن ٺاهي ويو. ٽم ڊيوڊ 22 تي ناٽ آئوٽ رهيو. ياد رهي ته پي ايس ايل جو ڪواليفائر کٽيندڙ ٽيم سڌو سنئون فائنل کيڏندي جڏهن ته اڄوڪي ميچ هارائڻ واري ٽيم ان ٽيم سان مقابلو ڪندي جنهن ٻئي ايليمينيٽر ۾ پهريون ايليمينيٽر هارايو ۽ پوءِ جيڪا به ٽيم ٻئي ايليمينيٽر کٽي ٿي اها ڪواليفائر جي فاتح هوندي. فائنل ۾ ٽيم کي منهن ڏيڻو پوندو

پهنجو تبصرو موڪليو