ملاقات،چونڊون وقت تي ٿينديون،خان،گارنٽي ناهي:آءِ ايم ايف

ملاقات،چونڊون وقت تي ٿينديون،خان،گارنٽي ناهي:آءِ ايم ايف

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان سان آءِ ايم ايف وفد جي ملاقات جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي آهي.ذريعن موجب آءِ ايم ايف مشن چيف ناٿن پورٽر پي ٽي آءِ چيئرمين سان وڊيو لنڪ ذريعي ڳالهه ٻولهه ڪئي.ذريعن موجب پي ٽي آءِ چيئرمين سوال ڪيو ته توهان ڪهڙي گارنٽي ڏيو ٿا ته ملڪ ۾ چونڊون وقت تي ٿينديون، جنهن تي آءِ ايم ايف جي وفد چيو ته آءِ ايم ايف ملڪ جي صورتحال تي ڀرپور نظر رکي رهيو آهي. آءِ ايم ايف جي وفد چيو ته اسان سياسي معاملن ۾ گهڻي مداخلت نٿا ڪري سگهون.آءِ ايم ايف جي وفد جو چوڻ هو ته هو اڳڪٿي نٿا ڪري سگهن ته پاڪستان جي سياسي معاملن بابت ايگزيڪيوٽو بورڊ جو ڪهڙو موقف هوندو، پر ايگزيڪيوٽو بورڊ جا ڊائريڪٽر پنهنجي اجلاس ۾ پنهنجو نقطه نظر رکندا، ايگزيڪيوٽو بورڊ جا ميمبر پنهنجي راءِ ڏيڻ لاءِ آزاد آهن. آءِ ايم ايف سندن موقف کي ايف اسٽاف رپورٽ ۾ شامل ڪيو ويندو.وفد وڌيڪ چيو ته آءِ ايم ايف جو پروگرام اهڙي طرح ٺاهيو ويو آهي جنهن ۾ اميد آهي ته اقتدار جي منتقلي وقت تي ٿيندي، ان اميد سان ته ان ڊيزائن تحت نگران سيٽ اپ آئين جي مطابق پنهنجي دور ۾ بروقت چونڊون ڪرائيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو