دادو (رپورٽ عزيز الله خاصخيلي ) واپڊا جي نجڪاري جي خلاف واپڊا پيغام يونين سرڪل دادو جي سرڪل آفيس دادو کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جيڪا ايس ايس پي چوڪ کان ٿيندي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.ريلي جي قيادت صوبائي سيڪريٽري ريجنل چيئرمين محمد عثمان جوڻيجو ۽ دادو سرڪل چيئرمين ضمير سيال. رياض شاهاڻي. محمد ابراهيم سولنگي. لياقت مهيسر. ساجد علي هڪڙو. برڪت علي ملاح جي اڳواڻي ۾ سوين ملازمن شريڪ هئا مظاهرين واپڊا جي نجڪاري جي خلاف سخت نعريبازي ڪئي ان موقعي تي صوبائي سيڪريٽري ريجنل چيئرمين سيپڪو محمد عثمان جوڻيجو خطاب ڪندي چيو ته حيسڪو. سيپڪو ۽ لاکڙا پاور هائوس جي نجڪاري قطعي منظور ناهي نه ٿيڻ ڏينداسين ڇو ته اسان سمجهون ٿا هي ادارا آهن ۽ انهن کي خانگائڻ نه ڏينداسين هائڊرو يونين جي طرفان 1995 ۾ نجڪاري جو معاهدي تي صحيحون ڪري واپڊا کي ٽوڙڻ جو بنياد رکيو هتي ڏيڍ لک خاندانن جي مستقبل جو مسئلو آهي بلڪه اسان جي ايمان عزت ۽ غيرت به خطري ۾ آهي هنن کي اهو احساس نه آهي ته اگر واپڊا جي نجڪاري ٿي وئي ته نه يونين رهندي نه عهديداري رهندي نه ئي نوڪريون خدا جي واسطي اسان جي ٻچڙن تي رحم ڪيو هنن وزيراعظم عمران خان منسٽر انرجي پاور کان مطالبو ڪيو ته واپڊا جي نجڪاري جو فيصلو واپس ورتو وڃي ملازمن مان بيچيني ختم ڪئي وڃي










