مقامي طور تي تيار ڪيل فتح-4 زمين تي مار ڪندڙ ڪروز ميزائل جو ڪامياب تجربو

مقامي طور تي تيار ڪيل فتح-4 زمين تي مار ڪندڙ ڪروز ميزائل جو ڪامياب تجربو

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) مقامي طور تي تيار ڪيل فتح-4 زمين تان فائر ٿيندڙ ڪروز ميزائل جو تربيتي فائر ڪاميابيءَ سان ڪيو آهي.
انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) موجب، ڪامياب تربيتي فائر آرمي راڪيٽ فورس ڪمانڊ پاران منظم ڪيو ويو.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته فتح 4 جديد ترين نيويگيشنل اسسٽنس سسٽم سان ليس آهي، فتح 4 ڊگهي فاصلي تي انتهائي درستگي سان هدفن کي نشانو بڻائڻ جي صلاحيت رکي ٿو.آرمي جي پبلڪ رليشنز ڊپارٽمينٽ موجب، آرمي راڪيٽ فورس ڪمانڊ جي اعليٰ آفيسرن ڪروز ميزائل جي تجربي جو مشاهدو ڪيو.
آءِ ايس پي آر موجب صدر، وزيراعظم، دفاعي فوج جي سربراهه ۽ پاڪستان هوائي فوج ۽ بحريه جي سربراهن فتح 4 جي ڪامياب تجربي کي ساراهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو