مغوي جي بازيابي لاءِ پوليس جو ڇاپو،فائرنگ،جوابدار فرار

غوثپور(عبدالنبي ملڪ) ھڪ ھفتو اڳ عورتاڻي آواز تي ھرکجي اغوا ٿيل مغوي اڪبر چاچڙ جي بازيابي لا۽ ضلعي ڪشمور جي مختلف ٿاڻن جي پوليس نفري اي پي سي چئن ساڻ ڪري ڳوٺ گاھي  ڀيو تي چڙھائي ڪري سرچ آپريشن ڪيو۔ پوليس کي ڏسي جوبدارن پوليس مٿان فائرنگ ڪئي جنھن بعد پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ جوبدار ڪچي طرف فرار ٿي ويا. پوليس صابر ۽ قاسم ڀيو سميت ٽن شڪي ماڻھن کي سوگھو ڪري ورتو، واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو