لنڊن (ويب ڊيسڪ)آل رائونڊر معين علي 17 سالن کانپوءِ پاڪستان جو دورو ڪندڙ انگلينڊ ٽيم جي قيادت ڪندو.برطانوي ميڊيا موجب انگلينڊ جو موجوده ڪپتان جوس بٽلر فٽنس مسئلن جو شڪار آهي، جڏهن ته پاڪستان جي دوري لاءِ انگلش اسڪواڊ جو اعلان هن هفتي ڪيو ويندو.رپورٽ موجب جوني بيئرسٽو ۽ بين اسٽوڪس کي پاڪستان جي دوري لاءِ آرام ڏنو ويندو، جڏهن ته ڳچيءَ جي انجري ۾ مبتلا ليام ليونگسٽون جي به شرڪت شڪي آهي.ان کان سواء، فل سالٽ، ول سمڊس، ول جيڪس ۽ ايڪس هيلز ٽيم ۾ شامل ٿيڻ جا اميدوار آهن.برطانوي ميڊيا موجب پاڪستان دوري ٽيم ۾ مارڪ ووڊ ۽ ڪرس ووڪس کي به شامل ڪري سگهجي ٿو.










