معيشت جي تباهي ڊالر جي تاريخي بلندي جو مجرم عمران آهي:مريم

معيشت جي تباهي ڊالر جي تاريخي بلندي جو مجرم عمران آهي:مريم

اسلام آباد (بيورو) سڌسماءَ واري وزير مريم اورنگزيب معيشت جي تباهي ڊالر جي تاريخي بلندي جو مجرم عمران خان کي قرار ڏئي ڇڏيو جمعي تي سڌسماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري جي بيان تي ردعمل جو اظهار ڪندي معيشت جي تباهي ڊالر جي تاريخي بلندي جو مجرم عمران خان کي قرار ڏئي ڇڏيو هن چيو ته پاڪستان کي وڏن مسئلن ۾ عمران خان ڌڪي ڇڏيو آهي ڊالر ۾ تاريخي واڌ ٿي رهي آهي ته عمران صاحب ذميوار آهي هن چيو ته ڊالر 193 تي عمران خان جي ڪري ئي ٿيو آهي هن چيو ته آئي ايم ايف جي معاهدي تي عمران صاحب صحيحون ڪيون جنهن جي سزا عوام کي مهانگائي جي صورت ۾ ملي رهي آهي هن چيو ته ملڪ ۾ 4 سال نالائقن، نااهلن ڪارٽرلز ۽ عمران مافيا جي حڪومت سبب معاشي دهشتگردي ڪئي وئي ملڪ ۾ معاشي عدم استحڪام عمران خان جي ڪري ئي آهي هن چيو ته پيٽرول جي مد ۾ عمران خان پنهنجي ناڪام سياست کي بچائڻ لاءِ ناقابل تلافي نقصان ڪئي. ان جو ٻوجهه اڄ عوام تي پئجي رهيو آهي. هن چيو ته مشڪل فيصلا ڪيا پيا وڃڻ ان جو ذميوار عمران صاحب آهي. هن چيو ته عمران صاحب شور نه مچايو مهانگائي جو جواب ڏيو معاشي تباهي جو حساب ڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو