معصوم نينگر جو قاتل مقابلي ۾ مارجي ويا، وارثن جو ڌرڻو

ڪوٽڏيجي:(ن س) ڪوٽڏيجي ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ بيدردي سان قتل ٿيل معصوم نينگر علي رضا حاجاڻو جي قتل ۾ ملوث جوابدار پوليس مقابلي ۾ مارجي ويا.ان حوالي سان ٻڌايو پيو وڃي ته معصوم نينگر علي رضا حاجاڻو کي قتل ڪندڙ مير مرتضيٰ وساڻ پٽ ڪريم ڏنو وساڻ ۽ پرويز احمد حاجاڻو پٽ گل محمد حاجاڻو پوليس مقابلي ۾ مارجي ويا آهن. ٻنهي جوابدارن معصوم علي رضا حاجاڻو کي بيدردي سان قتل ڪري لاش فصل ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيو هو. پوليس موجب جوابدارن جي موجودگي جي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي وئي جوابدارن پوليس مٿان فائرنگ ڪئي جوابي فائرنگ ۾ ٻئي جوابدار مارجي ويا.پوليس مقابلي ۾ حصو وٺندڙ پوليس ٽيم کي 5 لک روپيه انعام ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. جڏهن ته شهرين، سماجي اڳواڻن پاران ايس ايس پي خيرپور ڊاڪٽر سميع الله سومرو جي جوابدارن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ تي ساراهه ڪئي پئي وڃي.ٻئي پاسي پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل پرويز حاجاڻو جو لاش سندس وارثن نيشنل هاءِ وي تي رکي ڌرڻو هڻي ڇڏيو آهي. جتي پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي پئي وڃي. وارثن موجب اسان جي نوجوان کي ناحق قتل ڪيو ويو آهي پوليس اسان سان وڏو ظلم ڪري ڇڏيو آهي. ڪالهه پوليس اسان جي نوجوان کي گهران کڻي وئي جنهن کان پوءِ پوليس ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي قتل ڪري ڇڏيو آهي. نوجوان جي ڀاءُ چيو ته اسان کي انصاف گهرجي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو