ليکڪ : ساجد مستوئي
رشوت ,سفارش,اقرباپروي اسان جي ملڪ کي اڏوھي وانگر کائي تباھ ڪري ڇڏيو آھي اسان جا ادارا بي ڌياني جو شڪارآھن. ڏٺو وڃي ته اھا بي ڌياني به وڏي ڌيان سان ڪئي پئي وڃي تڏھن ته ادارن ۾ ويٺل ڪامورا پنھنجو ڪم ايمانداري سان ڪرڻ ڏوھ سمجھن ٿا ۽ پئسن ڪمائڻ ۾ مصروف آھن . ميونسپل ڪاميٽي دادو جيڪا 24 وارڊن تي مشتمل آهي، ماهوار 2 ڪروڙ 80 لک جي لڳ ڀڳ بجيٽ ھجڻ باوجود به افسوس ته شھر جي مختلف جڳھن تي کليل گٽرن مٿان ڍڪ به نه ڏياري سگھي آهي. جنھن ڪري دادو شھر ۾ ھڪ ٽيون دل ڏکائيندڙ واقعو پيش آيو پر ان واقعي کان پوء به ڪنھن ان لاپرواھي جو پڇاڻو ميونسپل انتظاميه يا پبلڪ ھيلٿ کاتي کان ھن وقت تائين نه ڪيو. آخر اسان جي ادارن ۾ ايڏي بي ڌياني ڇو آهي؟ احتساب ڪير ڪندو ؟
دادو شهر جي عزيزآباد ڪالوني ۾ ميونسپل انتظاميا ۽ پبلڪ ھيلٿ کاتي جي نا اهلي سبب کليل گٽر ۾ گهر ٻاهران راند ڪندي 2 سالا معصوم نينگر عادل پٽ عاقب برھماڻي ڪري فوت ٿي ويو، نينگر کي وارث سول اسپتال دادو کڻي پهتا جتي نينگر جي فوت ٿيڻ جي ڊاڪٽرن پاران تصديق ڪئي وئي، فوتي نينگر جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو سندس امڙ کي بيهوشي جا دورا پوڻ لڳا آهن، جڏهن ته علائقي ۾ پڻ سوڳ وارو ماحول ڇائنجي ويو آهي، علائقي واسين جو چوڻ آهي ته ڪافي ڀيرا ميونسپل انتظاميا کي گٽر بند ڪرڻ لاءِ چيو پر کين ڪنهن به نه ٻڌي گٽر کليل هجڻ سبب گهر ٻاهران راند ڪندڙ نينگر گٽر ۾ ڪري پيو ۽ هو فوت ٿي ويو، جڏھن ته وڏي بي حسي اھا آھي ته ميونسپل انتظاميه چوي ٿي ته گٽر بند ڪرڻ پبلڪ ھيلٿ کاتي جو ڪم آھي ھڪ ٻي جي آسري تي ھي دادو ۾ ٽيون واقعو پيش آيو آھي 5سالن جو معصوم ڪريم پٽ خادم سولنگي جيڪو 6 فيبروري سال 2017 تي اوچتو گم ٿي ويو جنھن کي وارث شھر ،ٿاڻن،پاڙي ۾ ڳوليندا رھيا پر ڪريم نه مليو معصوم ڪريم سولنگي جنھن جو لاش پڻ ھڪ نالي جي گٽر مان مليو سال 2020 جون جي مھيني ۾ وري معصوم دلبر ملاح پڻ گٽر ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو وري سال 2021 اپريل مھيني ۾ ھڪ ٽيون ٻار معصوم عادل برھماڻي جو گٽر ۾ ٻڏل لاش مليو جنھن جي امڙ پنھنجي معصوم ٻچڙي،دل جي ٽڪڙي،پنھنجي راڻين معصوم سڪي لڌي پٽ دلبر جي طھرن جا لاڏا به شائد نه چيا ھجن ۽ اوچتو لڱ ڪانڊاريندڙ ، دردناڪ دل ڏاريندڙ خبر پوي ته معصوم پٽ جو لاش گٽر مان مليو آھي ته زمين پيرن ھيٺيان ڄڻ نڪري ويئي.
معصوم عادل جي موت جو ذميوار ڪير آهي؟ ڇا ميونسپل انتظاميه ۽ پبلڪ ھيلٿ انتظاميه ايتري ته لاپرواھ ٿي چڪي آھي جو ڪروڙن جون بجيٽون ھجڻ باوجود کليل گٽرن جي ڍڪ لاءِ وٽن پئسا ناھن؟ ميونسپل انتظاميه ۽ پبلڪ ھيلٿ کاتي جي اھڙي غفلت يا نااھلي ته کيس معصوم عادل جي وارثن جي زندگي ويران ڪري ڇڏي آھي اسان ھن معاشري ۾ ٻار کي اھو مقام نٿا ڏيون جيڪو ھنن جو حق آھي ۽ ملڻ به کپي معصوم ٻار جنھن کي اسين آئينده جو ابو ته سڏيون ٿا ۽ انھن کي گلاب جي گل سان مشابھت ته ڏيون ٿا مگر ھن معاشري ۾ انھن جي حفاظت ۽ اھا جڳھ نٿا ڏئي سگھون. دنيا جي سڌريل ملڪن جي معاشري ۾ عوام جي بنيادي مسئلن جي حل لاء جيڪا قانون سازي ڪيل آھي اھا ئي ساڳي قانون سازي اسان جي ملڪ ۾ موجود آھي پر افسوس آھي ته اڄ تائين سٺا نتيجا حاصل ڪري نه سگھيا آھيون ھن جديد دور ۾ جتي دنيا الائي ڪيتري ترقي ڪئي آھي پر ان جي ڀيٽ ۾ اسان جا معصوم گلن جھڙا ٻار گندي پاڻي جي کليل گٽرن ۾ ڪري موت جو کاڄ بڻجن ٿا.
دادو جيڪو جدوجھد جي تاريخ رکي ٿو 1983 جي ايم آر ڊي تحريڪ ۾ دادو کي دنيا جي عظيم انقلابي ڪردار ھوچي منه جي ملڪ ويٽنام جو درجو مليو ھيو پر اڄ اھو ويٽنام سياسي توڙي ،سماجي حوالي سان نڌڻڪو شھر بڻجي ماضي جو ھڪ داستان بڻجي ويڳاڻو ٿي ويو آھي. ھن شھر ۾ ھاڻي گندگي جا ڍير،گندي پاڻي جا تلاء ،گھرن روڊن رستن تي وڏا اونھا گٽر کليل آھن ۽ ضلعي انتظاميه کان ڪو به پڇاڻو نه ٿي ڪري ڇو؟ ڇا اسان جي معصوم ٻارن جو مستقبل اھو آھي ته انھن جا لاش گٽرن مان ملن اسان جو ھي معاشرو،ھي ادارا،حڪومت جنھن جي ذميواري ناھي ته معصوم گلن جھڙا ٻار جيڪي اسان جي مستقبل جا معمار آھن انھن جي حفاظت لاء جوڳا قدم کڻي قانون کي حرڪت ۾ آڻي ميونسپل جي اھڙي لاپرواھي تي کيس پڇاڻو ڪريون ته جئين وري ڪو ڪنھن ماء جي جگر جو ٽڪڙو ڪنھن کليل گٽر جو کاڄ نه بڻجي ۽وري ڪنھن ماء جي جھولي خالي نه ٿئي.










