اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس عمر عطا بنديال سڄي ملڪ ۾ هڪ ئي ڏينهن اليڪشن ڪرائڻ جي حوالي سان درخوست تي ريمارڪسڏنا آهن ته ان نتيجي تي پهتاسين ته معاملو سياسي عمل تي ڇڏيو وڃي رپورٽ فنانس منسٽر جي صحيح سان جمع ٿي آهي حڪومتي جواب ۾ آئي ايم ايف معاهدي تي زور ڏنو ويو عدالت ۾ اشو آئيني آهي سياسي نه آهي سياسي معاملو عدالت سياسي جماعتن تي ڇڏي ٿي هي قومي ۽ عوامي اهميت سان آئين تي عملداري جو معاملو آهي 90 ڏينهن ۾ چوندون ڪرائڻ تي عدالت فيصلو ڏئي ڇڏي آهي گذريل ڏينهن رات ڏي وي تي ٻنهي ڌرين جو موقف ٻڌو ڳالهيون ناڪام ٿيون ته عدالت 14 مئي جي فيصلي کي وٺي نه ويهي رهندي آئيني ڪارروائي کي حڪومت سنجيده نه ورتو سنجيدگي جو اهو عالم آهي جو حڪومت نظرثاني اپيل داخل نه ڪئي اڳ به چيو هو ته سياست عدالتي ڪارروائي ۾ گهڙي چڪي اهي اسان سياست جو جواب نه ڏينداسين الله جي سامهون آئين جي دفاع جو حلف ورتو آهي معاشي، سياسي معاشرتي سيڪيورٽي بحرانن سان گڏوگڏ آئيني بحران به آهي ڪالهه به 8 ماڻهو شهيد ٿيا آهن قانون تي عملدرآمد لاءِقربانين کان ڪين ڪيٻائينداسين قوم جي جوانن قربانيون ڏنيون آهن ته اسان به قربانيون ڏيڻ لا3 تيار آهيون حڪومت ۽ اپوزيشن کي سنجيده ٿيڻو پوندو جمعي تي چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي بئنچ ۾ جسٽس اعجازالاحسن ۽ جسٽس منيب اختر شامل هئا اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ سميت ڌرين جا وڪيل ۽ سياسي اڳواڻ به عدالت ۾ پيش ٿيا چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته خواجه سعد رفيق ۽ شاهه محمود قريشي ٻئي نطر اچي رهيا آهن پنهنجي حوالي سان به ڪجهه ٻڌائڻو آهي فاروق ايڇ نائڪ اتحاد حڪومت جو جواب عدالت ۾ پڙهي ٻڌايو فاروق ايڇ نائڪ عدالت کي ٻڌايو ته قرضن ۾ 78 سيڪڙو گردشي قرضن ۾ 125 سيڪڙو اضافوٿي چڪو اهي ٻوڏ سبب 31 ارب ڊالر جو نقصان ٿيو هن دليل ڏنا ته اسيمبلي ٽوڙڻ کان اڳ بجيٽ، آئي ايم ايف معاهدو ۽ ٽريڊ پاليسي جي منطوري لازمي آهي ليول پلينگ فيلڊ هڪ ڏينهن چونڊن تي اتفاق ٿيو هن چيو ته اسيمبلي ٽوڙڻ جي تاريخ تي اتفاق نه ٿي سگهيو ملڪي مفاد ۾ ڳالهين جو عمل بحال ڪرڻ لاءِ حڪومت تيار آهي هرحال ۾ هن ئي سال هڪ ڏينهن اليڪشن ٿيڻ گهرجي. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته آئي ايم ايف قرض ذخيرن ۾ استعمال ٿيندو يا قرض لاهڻ ۾ جنهن تي فاروق ايڇ نائڪ ٻڌايو ته هي جواب ناڻي وارو وزير ڏئي سگهي ٿو چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اسيمبلي تحليل ٿيڻ تي به بجيٽ لاءِ آئين چئن مهينن جو وقت ڏي ٿو چيف جسٽس عمر عطا بنيال پڇاڻو ڪيو ته ڇا بجيٽ آئي ايم ايف جي پئڪيج تحت ٺهي ٿي؟ اخبارن مطابق دوست ملڪ به قرض آئي ايم ايف پئڪيج کان پوءِ ڏيندا چيف جسٽس پڇا ڪئي ته ڇا پي ٽي ائي بجيٽ جي اهميت کي قبول ڪيو يا رد ڪيو آئين ۾ چونڊن لاءِ 90 ڏينهن جي حد کان ڪوئي انڪار نٿو ڪري سگهجي. چيف جسٽس چيو ته هي قومي ۽ عوامي اهميت سان آئين تي عمل ڪرڻ جو معاملو آهي 90 ڏينهن ۾ چونڊون ڪرائڻ تي عدالت فيصلو ڏئي چڪي آهي هن چيو ته عدالت پنهنجي فيصلي تي عمل ڪرڻو آهي آئين مطابق پنهنجي فيصلي تي عمل ڪرڻ لاءِ آئين استعمال ڪري سگهجي ٿو چيف جسٽس ٻڌايو ته عدالت صرف پنهنجو فرض ادا ڪرڻچاهي ٿي چيوويو ته ماضي ۾ عدالت آئين جو احترام ناهي ڪيو ۽ رستو ڪڍيو عدالت احترام ۾ ڪنهن ڳالهه جو جواب ناهي ڏنو ڪاوڙ ۾ فيصلا درست ناهن ٿيندا ان لاءِ اسان ڪاوڙ نٿا ڪريون چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اسان جي ۽ اسيمبلي ۾ ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه جائزو وٺو جيڪا ڳالهه هتي ٿي رهي آهي ان جي ليول ڏسو جنهن تي فاروق ايڇ نائڪ چيو ته عدالت کي 90 ڏينهن ۾ چونڊون واري معاملي جو جائزو وٺڻو پوندو چونڊن لاءِ نگران حڪومتن جو هجڻ شروري آهي هن چيو ته منتخب حڪومتن جي هوندي اليڪشن ڪوئي قبول نه ڪندو هي نظريه ضرورت نه آهي. چيف جسٽس چيو ته 23 فيبروري جو معاملو شروع ٿيو ته اوهان آڱريون کنيو هي سڀ نقطا ان وقت اٿاريا ويا آئين ڪارروائي کي حڪومت سنجيده نه ورتو. هڪ ئي چونڊن جي حوالي سان درخواست تي حڪومتي ڳالهين واري ڪميٽي جي سربراهه اسحاق ڊار جواب سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو اسحاق ڊار جواب اٽآرني جنرل جي ذريعي سپريم ڪورٽ ۾ج مع ڪرايو جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته حڪومتي اتحادي ۽ اپوزيشن سڄي ملڪ ۾هڪ تاريخ تي اليڪشن ڪرائڻ تي متفق آهن جنهن کان پوءِ عدالت ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.










