معاشري  جي بهتري جي لاءِ سماجي قدر ضروري آهي: شرجيل

معاشري جي بهتري جي لاءِ سماجي قدر ضروري آهي: شرجيل

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ جي اطلاعات ، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ڪنهن به معاشري جي بهتري جي لاءِ سماجي قدر ضروري آهن ،سماجي اقدار پهرين بهتر هئا ، جيڪي هاڻ ختم ٿي رھيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن سماجي قدرن جو بگاڙ ۽ معاشري ۾ عورتن جو ڪردار جي عنوان سان آرٽس ڪائونسل پاڪستان ڪراچي ۾ مباحثي ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو. جيڪي پاڪستان ڪونسل آف ميڊيا وومن،پي ايف يو جي ۽ آرٽس ڪونسل آف پاڪستان ڪراچي جي گڏيل سهڪار سان ڪوٺايو ويو هو. هن چيو ته پاڪستان ۾ سماجي قدرن جي بگاڙ جا ڪيترائي ڪارڻ آهن. ٻار گھر، اسڪول ۽ دوستن جي ماحول مان ڪافي ڪجھ سکندا آهن، مصروفيتن جيڪري اسين ٻارن تي ڌيان نه ڏئي سگهندا آهيون ٽيڪنالوجي جا ڪافي فائده آهن پر نقصان به آهن سوشل ميڊيا، ڊراما ۽ فلمن جا ڪردار ۽ ڪهاڻيون به ذهنن تي اثر انداز ٿينديون آهن .شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سماجي قدرن جي آگاهي جي لاءِ حڪومت ٽي وي چئنل کي لائسنس ڏيڻ وقت انھن کي عوامي آگاھي جي پيغام نشر ڪرڻ جو پابند بڻائي . هن چيو ته پيپلز پارٽي جي هڪ ايم پي اي ڪنهن عورت ايم پي اي بابت غير مناسب لفظ چيا ، ته پارٽي جي اعليٰ قيادت ان جو سخت نوٽيس ورتو ۽ کيس عورت ايم پي اي کان معافي وٺڻ جي ھدايت ڏني وئي. پر هاڻ گاريون ڏيڻ جو مقابلو ٿي رهيو آهي. جيڪو سياسي مخالفن تي وڌيڪ گٿا لفظ استعمال ڪري ان جي پٽي ٽپي وڃي ٿي. هاڻ سياست ۾ استعمال ٿيندڙ لفظ ٻڌڻ جوڳا ناھن . هن چيو ته ٻهراڙين ۾ غلط ڳالھ ۽ گار ڏيڻ تي جھڳڙا ٿيندا آهن ۽ معاملا قتل تائين پھچي ويندا آھن ، پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته ٽاڪ شو ۾ مهمانن جو جھيڙو ٿي وڃي ۽ ھڪٻئي لاءِ گٿا لفظ استعمال ٿين تہ ته ٽيليويزن جي ريٽنگس وڌي وڃي ٿي. شرجيل ميمڻ چيو ته اسان کي اھڙي مائينڊ سيٽ مان نڪرڻو پوندو ۽ سماجي قدرن کي ھٿي وٺرائڻي پوندي . جيڪڏهن اسان ان مائينڊ سيٽ کي نه روڪيو ته ڳالھ تمام اڳتي نڪري ويندي. جنھن سان وڏو نقصان ٿي سگهي ٿو . هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي هميشه عورتن کي هر ميدان ۾ اڳتي وڌڻ جي موقعا ڏنا آهن پيپلز پارٽي جو نظريو آهي اقتدار جي ايوان، بيوروڪريسي ، واپار ، سفارتڪاري سميت زندگي جي هر شعبي ۾ عورتن کي اڳتي وڌڻ گھرجي. صدر آصف علي زرداري جي حڪومتي دور ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ فقط عورتن کي شامل ڪيو ويو. سنڌ ۾ بي زمين عورتن کي 25، 25 ايڪڙ زمين جا مالڪاڻه حق ڏنا ويا. هن چيو ته اسان اهو عورتن تي ڪو احسان ناهي ڪيو. اهو انهن جو حق آهي جيڪو عورتن جو مقام آهي سو اسان کي ڏيڻو آهي ۽ کين اڳتي وڌڻ جا وڌ ۾ وڌ موقعا ڏيڻا آهن. هن چيو ته سماجي قدرن جي بهتري جي لاءِ سڀني کان اهم ڪردار گھروارن جو هوندو آهي. مباحثي ۾ سينيٽر عبدالحسيب، صدر پي ايف يو جي جي ايم جمالي، صدر آرٽس ڪائونسل احمد شاھ، محترمه نرگس علوي، شاهده سجاد، عامره شاهد، ايس پي شهلا قريشي ۽ ٻين ناليواري عورتن به ڄاڻايل موضوع تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو. سيشن جي نظامت جا فرض صدر پاڪستان ڪونسل آف ميڊيا وومين حميرا موٽالا سرانجام ڏنا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو