مظلوم گهاڻن ۾ ۽ فريادي ٿاڻن ۾…هي ڪهڙي سنڌ آهي؟

مظلوم گهاڻن ۾ ۽ فريادي ٿاڻن ۾…هي ڪهڙي سنڌ آهي؟

اعجاز علي سوڍر

الله رب العزت هن ڌرتيءَ کي گل، ٻوٽن، وڻن، جبلن، وادين، هيٺاهين، مٿاهين، جيت، پکي، حيوانات، نباتات ۽ انسان ذات سان سنواريو آھي۔ هن ڌرتي جي مٿاڇري کي آبي ۽ خاڪي مخلوقات سان سونهن ۽ سندرتا بخشي اٿائين ته وري منجهس معدنيات جهڙا انمول خزانا به پوشيده رکيائين۔ هر علائقي، هر ملڪ، هر سلطنت، هر رياست ۽ هر حصي کي الڳ الڳ سڃاڻپ ڏنائين۔ انسانن منجھه به قومون، قبيلا، ذاتون ۽ پاڙا به تعارف يا سڃاڻپ لاءِ عطا ڪيائين. هر انسان کي پنهنجي جنم ڀوميءَ سان عشق سندس دل ۾ سموهي رکيائين۔ اسان جي جنم ڀومي سنڌ پنهنجي ذرخيري، حيوانات، نباتات ۽ باشندن جي ڪري ڏاڍو نالو ڪمائي چڪي هئي۔ سنڌ جي سرحد بمبئي تائين هوندي هئي۔ سنڌ جي وسعت تمام وڏي هئڻ ۽ هن خطي جو ذي زرع ۽ نهايت خوشحال هجڻ ٻين علائقن جي ماڻهن کي اکين ۾ چنڀجڻ لڳو۔ ڌارين هن ڌرتيءَ تي ڌاڙا هڻڻ جون وڏيون وڏيون رِٿون رٿيون، هتان جي امن کي برباد ڪرڻ جا پروگرام ٺاهيا، هتان جي سندرتا کي تباھه ڪرڻ جون تياريون ڪيون، هتان جي مصنوعات کي لٽڻ چاهيو، منهنجي هن ڌرتيءَ ماتا مٿان ڪاهن مٿان ڪاهون، حملن مٿان حملا ٿيا. غيرن جي غلامي ۽ قابض ٿيڻ لاء وڏي خون ريزي ڪئي وئي۔ هتان جو امن ۽ سڪون ٻين جي اکين ۾ مرچ بڻجي کين جلائيندو رهيو۔ هتان جي جوڌن جوانن کي فتح ڪرڻ ڪو آسان ڪونه هئو مگر جڏهن پراون سان گڏ پنهنجن جي هٿن ۾ به خنجر پنهنجن جي رت جا اڃايل ڏٺا ته منهنجي هن ڌرتي ماتا روئي ڏنو ۽ سندس سينو پروڙ ٿي ويو۔ سنڌ امڙ جي مٽيءَ منجھان جنم وٺندڙ ڪجھه غدار غيرن سان گڏجي پنهنجي گھر کي کاٽ هڻڻ لڳا، پنهنجن جي مارڻ لاءِ هٿيار هٿن ۾ کڻي مُڏون مروڙڻ لڳا. 1936ع ۾ بمبئي کي جدا ڪري منهنجي سنڌ امڙ کي ٽڪڙا ڪيو ويو۔ منهنجي سنڌ امڙ وٽ کوٽ ھئي ته ڪهڙي شيء جي هئي؟ منهنجي سنڌ وٽ سرسبزو اهڙو هئو جو جنت جو ڏِک ٿي ڏنائين، تعليم جا وڏا وڏا معلم هئا، علم جا عشاق رهيا، مبلغ ۽ مقرر هئا، هنرمندي ۾ هشمت رکڻ وارا رهيا، تجارت ۾ تار رهيا، ميوات اڻ مئي هئي ته وري زراعت جو ڪوئي ڪاٿو نه هو، معدنيات بي ملهي هوندي هئي ته آب پاشيء جو اعلى نظام هئو، چوپاين جي چھل پهل جام هئي ته وڏيون وڏيون شاداب چراگاهون هيون، بر ۽ بحر آباد هئا ته دليون هريون ڀريون ۽ آباد هيون، سامُن تي سر ڏيڻ ھتان جي وِيرن جو شيوا هو ته غيرت سندن سڃاڻپ رهي، ڀينرن پنهنجي ڀائرن مٿان سِرَ ٿي ڏنا ته وِيرن پنهنجا ولر ڪُهايا ٿي، سنڌ ماتا مهان نوازي ۾ هر بار وَيرين هٿان وساڻي ٿي پر پوء به ڪات اڳيان ڪنڌ نمائي رکيائين ٿي، احترام ۾ ايترو اڳڀرو ٿي جو پنهنجو وجود به وساري ويٺي، هر جاء امن ۽ غيرت جا رکوالا ڄڻيائين ٿي ته هيمو ۽ هوشو به جنمائين ٿي، اسلام وارو ايڪتا ۽ امن جو پيغام اهڙو قبول ڪيائين جو پاڻ ان رنگ ۾ رنڱجي پنهنجي تهذيب تمندن به وساري ويٺي۔ هتي نه امن جي ڪا کوٽ رهي، نه ايمان ۾ ڪا ڪمي رهي، هتي نه غيرت جي ڪا کوٽ رهي، نه ايڪتا ۾ ڪا ڪمي رهي، هتي جي خوشحالي جو ڪو مد مقابل نه رهيو، نه ئي ڪا دانائن جي ڪا کوٽ رھي، هتي ڀائپي برادري جو بَول بالا هو، ايثار نه ڪرڻ اپمان هئو۔ ادب، احترام، ننڍن سان پيار، وڏن جي عزت، مسافرن سان محبت، پرديسين سان پيار، پنهنجن پراون سان همدردي ۽ رحمدليءَ جو اعلى ترين مثال هتي هئو. منهنجي جنم ڀومي هر هڪ ميدان ۾ مالا مال رهي۔ کوٽ ھئي ته ڪهڙي هئي؟ بس ڪجھ لالچي ۽ لوڀي منهنجي ڀولي ڀالي جنتا کي ورغلائڻ لڳا، هن جنت جي نظير پيش ڪندڙ منهنجي واديءَ کي ڏسي سندن واتن منجهان گِگَ ڳڻڻ لڳي۔ منهنجي سنڌ جي سپوتن کي کٽڻ سندن وس ۾ ڪٿي هو؟ پنهنجا زور لڳائيندا رهيا پر جڏهن منهنجي سنڌ جي سخاوت، رحمدلي، ادب، امن، ايڪتا، احترام، پيار، محبت، ايثار، الفت، نرم دلي، نياز، نوڙت، همدردي ۽ مهمان نوازي ڏٺائون ته انهن انمول خوبين جو خوب فائدو وٺڻ لاء ڪجھ ايمان فروش پيدا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا۔ بس پوءِ ته لُٽ مار، فريب، دوکو، بي ايماني ۽ دغابازيء جو هٿيار هلائڻ ۾ ماهر بڻجي ويا۔ منهنجي سنڌ جو سينو ڇلني ڪيائون۔ سنڌ امڙ پنهنجي سونهن وڃائڻ لڳي، ڌارين سان گڏ پنهنجا ڌاڙي ۾ ڏسي هنجون هارڻ لڳي، سندس سيني تي سندس ئي جوڌن جو رت وهايو ويو، کيس پنهنجي ئي ٻچن جي رت سان غسل ڏنو ويو، سندس پنهنجا پنهنجن جا مارا بڻجي کيس دوڪيبازي ۽ ايمان فروشيء جي چادر اوڙهائي ويا، پنهنجن سورهين جي لاشن جا تحفا ڏنا ويا، کيس سڏڪن جو سوغات ڏني وئي۔ ايمان کسڻ وارا ڏاڍا پيدا ٿيڻ لڳا، نمڪ حرام وڌڻ لڳا، سنڌ ڌرتي ڌارين کي هنج وٺڻ لڳي، پرديسين کي ديس عطا ڪرڻ لڳي، پنهنجي سيني منجهان کين کارائڻ لڳي۔ انهن سنڌ ماتا کي ڪڏهن به پنهنجو تسليم نه ڪيو، انهن سنڌ امڙ سان وفاداري ڪرڻ پنهنجي لاء عيب سمجهيو، هتان جي باشندن سان جيترو برو انهن کان پڳو سلوڪ ڪيائون۔ سنڌ امڙ سان ويساھه گهاتي ڪئي وئي، هتان جا جوڌا جوان قربان ٿيندا ويا، سندن گهر ٻار لُٽبا رهيا۔ منهنجي جيجل سنڌ ماتم ڪده بڻجي وئي، سندس سورهيه سپوت ذوالفقار علي ڀٽو کي دخته دار تي سرعام لٽڪايو ويو، سندس جيوت جو سچو سپاهي جي ايم سيد صعوبتون سهندي ولر کان وڇڙي ويو، سندس جوڌو پٽ بشير قريشي زهر ڏئي ماريو ويو۔ سنڌ ۾ کوٽ ڪهڙي هئي؟ سنڌ امڙ جا جوان ٽوپ نراڙ تي، سگريٽ مٺ تي ڪاٽن جا ڪپڙا پهري ڪجھه هوٽلن تي وات پٽي ويهندا هئا ته وري ڪي عاشق پٽ پنهنجي نياڻن منجھه اکيون وجھي ويٺا رهيا. گھر لُٽبو رهيو جوان بي خبر پنهنجي مستيءَ ۾ مدهوش رهيا. هنن نوجوانن کي جاڳائڻ لاءِ سندن ڀائر ميدان ۾ ڪاهي پيا مگر منهنجي هن ستل قوم کي جاڳائڻ شايد سندن به وَس ۾ نه هئو. هو دانهون ڪُوڪُون ڪندا رهيا مگر سڀ ڪجھه بي سود ويو. انهن ڀائرن جو آواز کين ختم ڪري هميشه لاءِ بند ڪيو ويو. شايد سنڌ امڙ کي بدلو نه وٺڻ جي ڪري هميشه لتاڙيو ويو يا وري مهمان نوازي ۾ ماريو ويو۔ جيءَ ۾ جايون ڏئي جن کي رهايو انهن ئي ڪُک ۾ خنجر وهائي ڪڍيو، جن کي کارايو تن نمڪ حرامي ڪري سندس سپوت ڪُٺا ۽ نياڻين جي عصمت دري ڪئي۔ کوٽ ڪهڙي هئي؟ ڪٿي ايئن ته ناهي جو سنڌ امڙ پنهنجن جو ويس اوڙھي آيل دشمن کي نه سڃاڻي سگهي؟ يا پنهنجي ٿڃ نه ملهائڻ وارن پٽن جو سور کيس کائي ويو؟ يا سندس نرم دليء جو ناجائز فائدو ورتو ويو؟ هتي تعليم، هنر، دانائي ۽ دليري سان سلهاڙيل سپوتن ڏيهن ۾ پنهنجو پاڻ مڃايو، ملڪن ۾ مشهور ٿيا۔ هتان جي مصنوعات ملڪن مڃتا ماڻي، هتان جي جوڌن جي بهادريء جا قصا گونجڻ لڳا۔ اهڙي مٽي جنهن هر ميدان جا جوڌا ڄڻيا، ان مٽيء ۾ کوٽ ھئي ته آخر ڪهڙي هئي؟ ڪٿان رُونڻُ پيو؟ ڪٿان نمڪ حرامي ٿي؟ ڪٿان ايمان وِڪاڻو؟ ڪٿان غيرت جو جنازو کڄِيو ويو؟ ڪٿان بي ايمانيء جو ٻج ڇٽيو ويو؟ ڪٿان فريب ۽ دغا جنم ورتو؟ ڪٿان ايمانن جا سودا ٿيڻ لڳا؟ ڪٿان وحشي حملا آور ٿي نياڻيون بي عصمت ڪرڻ لڳا؟ ڪٿان نافرمان نسل جي ابتدا ٿي؟ ڪٿان ڪميڻا ڀائر پيدا ٿيا؟ ڪٿان بربريت جي بارش ٿيڻ لڳي؟ ڪٿان ماڻهپو موڪلائي ويو؟ ڪٿان جيون جو پڄاڻو ٿيو؟ ڪٿان جهالت جي انڌيري ۾ ٻڏي وياسين؟ ڪٿان لوڪ لکا خاطر نباهڻ سکيو؟ ڪٿان کنڊ لڳو؟ ڪٿان اهڙو ناسور شروع ٿيو؟ انهن سوالن جا جواب ملڻ مشڪل آھن پر اهي سڀ آثار منهنجي سنڌ ۽ سنڌ وارن جا آھن۔ اڄ پنهنجن جا مارا پاڻ آھيون، پنهنجن کي ڪُهڻ لاء ڪاتيون تکيون ڪيون وتون ٿا۔ اڄ اسان جي سنڌ امڙ جا سور ڏسي ڀٽائي جو روح به تڙپي اٿيو هوندو ته وري سچل ۽ سامي به روئي ڏنو هوندو، اڄ سائين سترام داس جي آتما اٿل پٿل ۾ هوندي ته وري دودي ۽ دولهي جي دانهن نڪتي هوندي، اڄ هيمو به هوش وڃايو هوندو ته هوشو جو به هنيانءُ ڦاٽو هوندو، اڄ بيدل جي اک برسي هوندي ته وري ٻيجل جي فرياد ٿي هوندي۔ سنڌ امڙ ننڌڻڪي ٿي لڳي، هر طرف کان واڳون وات ڦاڙيون وڌي رهيا آھن، سنڌ جا سورهيه قدرت وٽ قيدي ٿي سراپا احتجاج بڻجي ويا آھن۔ کوٽ ھئي ته آخر ڪٿان ۽ ڪهڙي هئي؟ سنڌ منهنجي کي کائن ڌاريا ٿا، کائي وري مٿس ڀونڪن ٿا، پنهنجا بڻيا پراوا هتڙي، مظلوم پيسجن گهاڻي ۾، فريادي ٻَڌجن ٿاڻي ۾، ڪراڙو ابو اميد اکين ۾ رکيون ويٺو آھي، جيجل امڙ الله کي ويٺي روز ٻاڏائي، ڀينرون ڀائرن لاء ھر وقت ٿيون دعائون گهرن، شل خير سان گهاتو گهر موٽن۔ عجيب وقت آيل آ سنڌ مٿان۔ هاڻي بس اها ئي آس اٿم ته شل الله سائين منهنجي سنڌ جون خوشيون واپس آڻي۔

پهنجو تبصرو موڪليو