ٽنڊوباگو (ن سنڌيار) ڏيئي لڳ ڳوٺ ميڻان جي رهواسي صحافي سياسي سماجي ورڪر مهراڻ درس تي منشيات فروشن پاران ٿيل حملي خلاف ڏيئي شهر ۾ اڄ ٻي ڏينهن به حسيني چوڪ کان شهيد فاضل چوڪ تائين ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو جنهن کي عوامي تحريڪ اڳواڻن مهراڻ درس لکاڏنو خاصخيلي مرتضي شام رمضان رستماڻي دليپ ڪمار ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته منشيات فروش وڪيو ملاح کي ڳوٺ ۾ منشيات جو ڪاروبار ڪرڻ کان روڪڻ تان منشيات فروش وڪيو ملاح مهراڻ درس تي لٺين ۽ ڇرين سان حملو ڪري ڏنو جيڪو ڳوٺاڻن وچ ۾ پئي جهيڙو ٽاريو۔ خبر موجب عيد ڏهاڙي ڳوٺ جي هوٽل تي آيل منشيات فروش وڪيو ملاح سرعام چرس ۽ آفيم وڪرو ڪرڻ شروع ڪيو جنهن کي سنڌ ايڪسپريس جي نمائيندي ۽ عوامي تحريڪ ضلع بدين جي اڳواڻ مهراڻ درس منع ڪئي ته هن گارگند ڪري مٿس حملو ڪيو جنهن کي ڳوٺاڻن جهلي نقصان ٿيڻ کان بچائي ورتو اهڙي رپوٽ ڏيئي ٿاڻي تي داخل ڪرائي وئي پر اڄ 6 ڏينهن گذرڻ باوجود انتظاميا ڪو به تدارڪ ناهي ڪيو ۽ منشيات فروش جوابدار ڌر پاران ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن مهراڻ درس ڪارڪنن کي خطاب ڪندي چيو آهي ته انتظاميا جوابدارن خلاف ڪو به قدم کڻڻ لاء تيار نه آهي ۽ منشيات فروشن جي ونگارو بنجي وئي آهي انتظاميا پاران قدم نه کنيو ويو ته هو عدالتي در کڙڪائيندو۔ هن چيو آهي ته منهنجي ڳوٺ ۾ منشيات جي ڪري هڪ نوجوان جمعون عرف پوڙهو ملاح گذاري ويو آهي ٻيو منهنجو سئوٽ جو پٽ دلبر درس موت جي منهن ۾ پهچي چڪو آهي ۽ هڪ نوجوان بابو ملاح منشيات واپرائڻ سبب دماغي مريض بنجي ويو آهي جيڪو 8 سالن کان سنگهرن ۾ ٻڌل آهي ۽ ٻيا به ڪيترائي نوجوان بيمارين ۾ وڪوڙجي چڪا آهن۔ هنن آء جي سنڌ ڊي آء جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي بدين کان گهر ڪئي آهي ته ڏيئي شهر ۽ پسگردائي ۾ هلندڙ منشيات جي ڪاروبار کي روڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.










