مسڪين مارو ئڙا کلي آسمان هيٺ ويٺل  گهر ۽ گهٽن ۾ پاڻي بيٺل

مسڪين مارو ئڙا کلي آسمان هيٺ ويٺل گهر ۽ گهٽن ۾ پاڻي بيٺل

اوٻاوڙو (ن سنڌيار)سنڌ حڪومت برسات متاسرن لاء واهرنه ڪئي مسڪين مارو ئڙا کلي آسمان هيٺ ويٺل گهر ۽ گهٽن ۾ پاڻي بيٺل يوسي خميسو چاچڙ جي ڳوٺ چوڪماڙي۔ڳوٺ سهراب رند۔ڳوٺ ۔محمد يوسف رند۔ڳوٺ ڏيوري ۔ڳوٺ قادر بخش رند ۽ ٻين ڳوٺن ۾ برساتي پاڻي بيهڻ ڪري برسات متاسر ماڻھو پنهنجي ٻارڙن سميت پنهنجي گهرن کي ڇڏي کلي آسمان هيٺ روڊ رستن تي نڪري آيا ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر اوٻاوڙ ۔صرف ڪاغذي ڪاروائي ۾ پورا آھن جڏهن ته مسلسل برسات پوڻ سبب مخطلف قسمن جي بيمارين ڪر کنيو آھي جنهن ۾ مڇرن جو آزار وڌي ويو آھي مال وند ماڻھن جو چوپايو مال به مخطلف بيمارين ۾ مبطلاع ٿي مرڻ لڳو سنڌ حڪومت اڃان تائين ڪنهن به قسم جي نظر ساني ناهي ڪري سگهي برسات متاسر ماڻھن جو چوڻ آھي ته اسين روڊن تي ويٺا آھيون هر آفيسر هتان گذري وڃي ٿو مگر ڪو به اسان جي مدد ڪرڻ لاء لڙي نه آيو هنن وزير اعظم شھباز شريف۔جنرل قمرجاويد باجوا ۽ سنڌ ھاء ڪورٽ کان نوٽس وٺڻ جو مطالبو ڪندي گهر ڪئي ته اسان کي مالي مدد ڪري ريهائش لاء خيما ۽ راشن فراهم ڪيو وڃي ۽ مڇر مار اسپري ڪرائي وڃي ته جيئين مخطلف بيمارين کان بچي سگهجي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو