مسواڙ  ۾ واڌ خلاف  مسواڙين پاران شٽربند هڙتال ڌرڻو

مسواڙ ۾ واڌ خلاف مسواڙين پاران شٽربند هڙتال ڌرڻو

سکر(جئيرام داس ) ڊيڊ لائين گذري وڃڻ باوجود سکر ميونسپل جي  2 هزار مان  هڪ سئو مسواڙين به  مسواڙ  بابت ميونسپل سان نئون معاهدو نه ڪيو مسواڙ وڌائڻ خلاف هائي ڪورٽ جي فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو مسواڙ ۾ واڌ خلاف شٽربند هڙتال ڪري ڌرڻو هنيو ويو، سکر ميونسپل ڪارپوريشن جي ملڪيتن جا مسواڙ پهرين فيبروري کان سئو مان هزارن تائين وڌائڻ واري فيصلي خلاف ميونسپل مسواڙين پاران  شٽربند هڙتال ڪري گھنٽا گھر چوڪ تي ٻه ڪلاڪ ڌرڻو ويو، ڌرڻي کي خطاب ڪندي اڳواڻن حاجي هارون ميمڻ، ممتاز لڪي، چندر بان، غلام ياسين، جنيد شيخ، فريد صديقي ۽ ٻين چيو ته ميونسپل ايڊمنسٽريٽر ۽ ميونسپل ڪمشنر پاران اسان کي صلاح مشوري ۽ مسئلي جي حل لاءِ گھرائي حاضري واري رجسٽرڊ تي صحيحون ورتيون، جنهن کي هنن عدالت ۾ غلط رنگ ڏئي پيش ڪري عدالت کي گمراهه ڪيو آهي، هنن چيو آهي ته سال 2014ع ۾ ميونسپل جي ملازم جي ڪيس کي دڪانن جي مسواڙن ۽ دڪانن جي آڪشن تائين وڌايو ويو آهي، هنن چيو آهي ته گذريل ٻڌڻي تي عدالت سڳوري ميونسپل انتظاميا کي اڳواٽ ويٺل دڪاندارن جا مسواڙ وڌائڻ جي لاءِ چيو هو جنهن بعد هن عدالت ۾ ڪوڙ ڳالهائي عدالت کي گمراهه ڪيو آهي، عدالتي فيصلن مطابق ساڍا 4 هزار سيڪڙو مسواڙ ۾ واڌ ڪئي وئي آهي جنهن فيصلي تي عدالت کي نظرثاني ڪرڻ گھرجي، ٻئي طرف ميونسپل مسواڙين مسواڙ وڌائڻ خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ پاران 12 جنوري تي ڏنل فيصلي کي ڪالهه سپريم ڪورٽ اسلام آباد ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي، جنهن لاءِ سپريم ڪورٽ جي ايڊووڪيٽ آن رڪارڊ پاران ڌر ڄاڻايل سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ڊائريڪٽر جنرل، ۽ ريجنل ڊائريڪٽر، ميونسپل ڪمشنر سيڪريٽري روينيو ۽ ٻين کي نوٽيس پڻ جاري ڪيا ويا آهن. ياد رهي سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ 12 جنوري تي  2014ع ۾ داخل پٽيشن نمبر 2928 تي  فيصلو جاري ڪندي عدالتي حڪم تي جوڙيل ڪميٽي جي سفارشن تحت سکر ميونسپل ڪارپوريشن جي 2 هزار ملڪيتن دڪانن، دفترن، فليٽن، پئٽرول پمپن، رهائشي ڪوارٽرن ۽ ڪاروباري پلاٽن جي نئين مسواڙ مقرر ڪري ڇڏي هئي. جنهن تحت ميونسپل ملڪيتن جي مسواڙ ۾ 5 سئو کان 45 هزار تائين واڌ ڪئي وئي هئي. عدالتي فيصلي تحت سکر ميونسپل ڪارپوريشن پاران مسواڙين کي نوٽيس جاري ڪري 31 جنوري تائين استعمال هيٺ ملڪيت جي ميونسپل کان نئون ٽيننسي لائسنس وٺڻ جي هدايت ڪئي هئي. نوٽيس موجب 31 جنوري تائين نئون معاهدو نه ڪرائيندڙ مسواڙي جي ميونسپل ملڪيت کي مسواڙ تي نيلام ڪيو ويندو. سکر ميونسپل ڪارپوريشن جي ٽيڪسيشن آفيسر محمد لغاري موجب نئين معاهدي بابت ڄاڻايل تاريخ گذري وڃڻ باوجود 2 هزار جي لڳ ڀڳ مسواڙين مان هڪ سئو مسواڙين به نئين مسواڙ جو معاهدو ناهي ڪيو، تنهنڪري اسان عدالتي فيصلي تحت ٻئي مرحلي تي عمل ڪرڻ لاءِ اختيارين کان اجازت گهري آهي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو