طفيل مگسي
خليج ۾ امريڪي اڏن جي خاتمي ۽”مسلم ٻڌي“ جا نعرا اڄ ڪلھ هڪ مقبول بيانو بڻجي چڪا آهن۔جيڪڏهن انهيء بحث کي سنجيدگي سان سمجهڻو آهي ته انهيء کي جذباتي اپيل جي بجاء حقيقتن،طاقت جي توازن ۽ رياستي مفادن جي نقط نظر ۾ ڏسڻو پوندو۔
بين الاقوامي سياست جو بنيادي اصول اهو آهي ته رياستي نظريا يا مذهبي لاڳاپن جي تحت نه بلڪ پنهنجن مفادن ۽ بقا جي مطابق فيصلا ڪنديون آهن۔ساڳيوئي اصول اسان کي ايران،سعودي عرب ۽ امريڪا جي پاليسين ۾ چٽو ڏيک ڏيئي ٿو۔
ايران جي حڪمت عملي کي جيڪڏهن ڳوڙهائي سان ڏٺو وڃي ته هو سڌو سنئون جنگ کان پاسو ڪندي پراڪسي نيٽ ورڪس جي وسيلي اثر
و رسوخ وڌائي ٿو۔حوثي،حزب الله ۽ عراق جي مليشياز ان جا چٽا مثال آهن۔ان جو هڪ مقصد صرف اثر وڌائڻ ناهي بلڪ ڪن تجزيي ڪندڙن جي مطابق پرڳڻي ۾ پنهنجي هڪ خيال واري نظام کي مضبوط ڪرڻ به آهي،جيڪو خليجي رياستن جي لاء هڪ حقيقي سيڪورٽي ڊپ بڻجي ٿو۔
انهيء نقط نظر ۾ شام جي مامري کي به سمجهڻ ضروري آهي۔روس شام ۾ باقاعدي فوجي اڏا قائم ڪري رکيا آهن ۽ بشار الاسد جي حڪومت کي سهارو ڏنو۔
ايران به انهيء حڪومت سان گڏ بيٺو رهيو،چوته هتي هن جا اسٽريٽجڪ مفاد لاڳاپيل هئا۔اها”مسلم ٻڌي“ نه بلڪ نج طاقت جي سياست هئي۔
ٻيئي پاسي خليجي ملڪن جو نقط نظر مڪمل طور تي دفاعي نموني جو آهي۔قطر،بحرين ۽ گڏيل عرب امارات ۾ امريڪي اڏا انهيء لاء موجود آهن ته اهي رياستون پاڻ کي ايران جي مقابلي ۾ ڪمزور سمجهن ٿيون۔ايستائين ته ترڪي جهڙي ملڪ ۾ به باقاعده امريڪي فوج اڏا آهن(مثلا انجرلڪ ايئربيس) جيڪي ناٽو جي دفاعي ڍانچي جو حصو آهن۔ان کان چٽو ٿيئي ٿو ته طاقتور رياستون به پنهنجي بقا جي لاء اتحاد ٺاهين ٿيون۔
معاشي پاسو به ان تصوير جو اهم حصو آهي۔ايران پنهنجي تيل جو وڏو حصو چين ۽ ڀارت کي وڪرو ڪرڻ چاهي ٿو۔جيڪڏهن واقعي پرڏيهي پاليسي مذهبي بنيادن تي هجي ها ته اهي اوليتون مختلف هجن ها۔مگر هتي به مفاد ئي فيصلي ڪرڻ وارو عنصر آهي۔
قفقاز جي سياست هن بحث کي وڌيڪ چٽو ڪري ٿو۔آذربائيجان هڪ شيعه اڪثريتي ملڪ آهي،جڏهن ته آرمينيا هڪ عيسائي رياست آهي۔باوجود ان جي ايران ڪيترن ئي موقعن تي آرمينيا سان سٺا لاڳاپا رکيا،جڏهن ته پاڪستان ۽ ترڪيء کلي ڪري آذربائيجان جي حمايت ڪئي۔جيڪڏهن فيصلا فرقواريت جي بنياد تي ٿين ها ته اها صف بندي ممڪن نه هئي۔اها نج جغرافيائي ۽ اسٽريٽجڪ مفادن جي راند هئي۔
هاڻي جيڪڏهن ان سموري تصوير کي سامهون رکندي اهو ڪيو وڃي ته خليجي ملڪ امريڪي اڏا چو ختم نٿا ڪن،ته جواب چٽو ٿي وڃي ٿو۔جڏهن هڪ رياست کي پنهنجي پاڙيسري کان خطرو محسوس ٿيئي ۽ انهيء کي اهو ڊپ هجي ته هن جي اندرين نظام کي به غير مستحڪم ڪري سگهي ٿو،ته اها پنهنجي بقا جي لاء هرممڪن دفاعي معاهدو ڪندي۔اهوئي سبب آهي ته خليجي ملڪ امريڪا کي هڪ سيڪيورٽي چٽي جي طور ڏسن ٿا۔
ان ڪري جيڪڏهن ”سمورا مسلمان ملڪ گڏجي ڪري امريڪي اڏا ختم ڪري چڏين“ هڪ جذباتي نعرو ته ٿي سگهي ٿو،مگر عملي سياست ۾ ان جو ڪو فوري بنياد ناهي۔
جيستائين:
علائقائي طاقتن جي وچ ۾ اعتماد پيدا نٿو ٿيئي پراڪسي جنگيون ختم نٿيون ٿين۔
۽ رياستي مفادن ۾ هڪجهڙائپ نٿي اچي ان وقت تائين اهڙيون رٿون محض خطاب ئي رهنديون۔
حقيقت اها آهي ته دنيا ”امت“ جي تصور تي نه بلڪ ”رياست “ جي اصول تي هلي رهي آهي ۽ جيستائين اسان ان بنيادي حقيقت کي تسليم نٿا ڪريون،تيستائين اسان نه مسئلن کي درست طور تي سمجهي سگهون ٿا ۽ نه ئي بهتر حل پيش ڪري سگهون ٿا۔










