مسلمان ملڪ گڏيل آپريشن روم قائم ڪن، ايران

مسلمان ملڪ گڏيل آپريشن روم قائم ڪن، ايران

تحران (ويب ڊيسڪ)ايران مسلمان ملڪن تي زور ڏنو آهي ته اهي اسرائيل خلاف هڪ گڏيل آپريشن روم ٺاهين، هڪ بيان ۾ ايران جي سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جي سيڪريٽري علي لاريجاني چيو ته صرف تقريرن تي مشتمل گڏجاڻيون بغير ڪنهن عملي ڪارروائي جي اسرائيلي حڪومت کي نقصان نه پهچائينديون.هن چيو ته مسلمان ملڪن کي اسرائيل جي متعصب حڪومت خلاف هڪ گڏيل آپريشن روم ٺاهڻ گهرجي، اهو فيصلو صهيونستي حڪومت جي محافظن کي پريشان ڪرڻ لاءِ ڪافي هوندو.علي لاريجاني چيو ته جيڪڏهن مسلمان ملڪن فلسطين جي مظلوم ماڻهن لاءِ ڪجهه نه ڪيو آهي ته گهٽ ۾ گهٽ انهن کي پاڻ کي تباهي کان بچائڻ جو فيصلو ڪرڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو