مسجد اقصيٰ ۾ اسرائيلي جي وحشياڻي ڪاروائي

تحرير عبدالفتاح عباسي

فلسطين جي جامع مسجد اقصيٰ ۾ نمازين مٿان اسرائيلي فوجين جي وحشياڻي ڪاروائي سبب ڪيترن درجنن کان وڌيڪ ماڻهو شهيد ڪيا وڃن ٿا ۽ سون جي تعداد ۾ زخمي ڪري اسرائيلي فوج باهه جا وڏا آڙاهه ٻاري پنهنجي خوشيءَ جو جشن ملهائڻ لڳن ٿا، هڪ طرف رمضان المبارڪ مهيني جو آخري جمعو عبادت جي حوالي سان وڏو اهم ترين ڏهاڙو ملهائجي رهيو هيو ۽ پوري دنيا جا مسلمان يوم القدس ملهائي رهيا هيا ته ٻئي طرف  وري اسرائيل جا نامي گرامي بدمعاش دهشتگرد ٽولا ۽ گروهه پنهنجي سازشي عناصرن ۽ پنهنجي مافياءَ آمريڪي نواز ٽولي کي راضي ڪرڻ لاءِ انهن جي آشير واڌ تحت مبارڪ ۽ متبرڪ رمضان المبارڪ جي ڏهاڙن ۾ جيڪا فلسطين جي شهر غزه پٽي ۾ گولا باري ڪندي روزانو جي حساب سان بي گناهه مرد، عورتون ۽ جوان ٻڍا ٻارڙا بي دردي سان شهيد کي گولين جو کاڄ بنيا ويا ۽ سون جي تعداد ۾ زخمي ڪري ڦٽا ڪري اسپتالن تائين به پهچڻ جي اجازت نه ڏني وئي انهي تي نمازي نه صرف آهه و زاري ڪندا رهيا پر اسرائيل دهشتگرد فوج جي جديد ترين هٿيارن سان خون آلود تڙپندڙ لاش هڪ دفعو وري ڪنهن سلطان صلاح الدين ايوبيءَ جي انتظار ۾ رهي، فلسطين ۾ جيڪا تازو رت جي راند ۽ خاص ڪري بيت المقدس قبله اول مٿان مسلمانن جي عظيم عبادت گاهه جنهن کي اهو پڻ شرف حاصل آهي ته اسان جا آخري نبي آقاءِ دوجهان رحمت عالميان حضور سراپا نور عليه الصلوات السلام معراج جي رات هن سرزمين هن مقدس جاءِ تي نماز پڙهي هئي ۽ انهي مبارڪ سرزمين تي پنهنجا قدم مبارڪ نعلين مبارڪ رکيا هيا، انهي خطي کي تمام وڏو شرف اهو حاصل ٿيو ته هن مقام تي معراج جي رات اسان جا آقا و مولا حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله تعاليٰ عليه وآله وسلم نماز ادا ڪئي ۽ پوءِ الله رب العالمين سان عرش معليٰ تي ملاقات ڪئي اها ڳالهه نهايت متبرڪ ۽ مبارڪ گهڙي هئي. انهي ملڪ سرزمين خطي سان فلسطين مٿان اسرائيل دهشتگرد جيڪا رت جي راند ۽ گولين جي ٻولي استعمال ڪرڻ لڳو آهي تنهن تي نه رڳو پوري دنيا جي مسلمانن ۾ غم ۽ غصي جي لهر ڇانيل آهي پر سمورن مذهبن مسلڪن ۾ بي چيني جي لهر ڇائنجي وئي آهي، ڪهڙي به مذهب ۾ اها دهشت گردي ناهي ته ڪنهن به مذهب مٿان زوريءَ ٿاڦيل ڏاڍ مڙسي سان عبادت گاهه ۾ لانگ بوٽن سان گهري مسلمانن کي نماز جي حالت ۾ بي گناهه هٿين خالي ماڻهن مٿان گولين جا منهن کولي آنسو گيس شيل وغيرهه استعمال ڪندي جهڙي طرح نمازين جون نمازون ختم ڪندي بربريت، سفاڪي ۽ دهشتگردي جو ماحول برپا ڪيو ويو انهي تي غير مذهبن جا ماڻهو به حيرت ۾ پئجي وڃن ٿا،آمريڪا نواز اسرائيل فلسطين جي مسلمانن کي خوف ۽ حراس ۾ مبتلا ڪري ڪهڙي ڳالهه ثابت ڪرڻ چاهي ٿو ؟، ڇا دنيا کي خبر ناهي ته اسرائيل دنيا جو اهو واحد بدترين نانءُ آهي جيڪو هٿين خالي نماز ۾ مشغول ماڻهن کي پنهنجي گولين جو کاڄ بڻائي دليري نه بلڪ انتهائي بزدلانه ڪاروائي جو ثبوت ڏيئي رهيو آهي، فلسطين جي هڪ معصوم 3 ٽي سالا ٻارڙي جي هڪ هٿ ۾ کير واري بوتل آهي جيڪا اهو پئي رهيو آهي ۽ ٻئي هٿ ۾ جذباتي انداز م کنيل پٿر آهي جنهن سان اسرائيل جي دهشتگردن کي اها للڪار انهن جي بم ۽ بارود لاءِ مستقبل لاءِ هڪ  چئلينج آهي، فلسطين جي شهرين کي اسرائيلي دهشت گرد ڪمانڊوز فوج گرفتار ڪندي وحشياڻي تشدد بربريت ۽ جهڙي طرح سفاڪي جو نشانو بڻائي رهي آهي پر پوءِ به آزادي پسند فلسطين جا نه صرف جوان پر عورتون توڙي ٻارڙا پڻ چهرن تي خوشيءَ جو اظهار ڪندي وڪٽري ( فتح ) جي نشاني ڏيکاريندي مسڪرائيندا رهن ٿا ۽ ظالم جابر فرعونيت ۽ يزيديت جو راڄ قائم ڪندڙ اسرائيل انتظاميه ۽ حڪومت آڏو واضع پيغام ڏيئي رهيا آهن ته هيءُ اسان جون زندگيون ڪا به حيثيت نٿيون رکن وطن يا ڪفن ۽ آزادي يا موت جا طلب گار آهيون. اسان جو وجود پنهنجي ڌرتيءَ مٿان گهري آهي، هڪڙا وينداسين ته انهي جي جڳهه تي سوين هزارين ٻيا جنم وٺي نکرجي ايندا. غلاميءَ مان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ لازمي طرح قرباني ڏيڻي پوندي آهي ۽ دنيا جي اندر شايد هن وقت سڀ کان وڌيڪ ظلم جو نشانو بڻجندڙ فلسطيني آهن جيڪي پنهنجي سرزمين هوندي غلاميءَ جي زندگي بسر ڪرڻ تي مجبور ڪيا ويا آهن، فلسطين جون عبادت گاهون مقتل گاهه بڻيل آهن، پر پوءِ به مسڪرائيندڙ چهرا سرخرو آهن ۽ انهن جي مستقل مزاجي دنيا جي ڪا به قوت طاقت ٽوڙي نٿي سگهي، ڇاڪاڻ ته بيت المقدس هڪ امانت هڪ عقيدو ۽ هڪ ذميواري جو سڏ آهي، سرائيلي فوج کان نفرت جو اظهار ڪندي فلسطينن گهٽي گهٽي ۾ گڏهن تي اسرائيل جا جهنڊا ٺاهي غم ۽ غصي جو مختلف وقتن ۾ اظهار ڪندا رهن ٿا ، انهن جا گهٽي گهٽي، روڊ رستن تي احتجاج مظاهرا جاري آهن ته فلسطين کي باهه جي َآڙاهه ۾ تبديل ڪرڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي ۽ مسلمانن جي عبادت گاهن مٿان هلان ڪرڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي ۽ امن سلامتي جي پاليسي ورجائي وڃي نه ته هيءُ خطو جيڪو خوبصورت خوابن ۽ حقيقتن سان مالا مال آهي انهي جي روايت مزاحمت مزاحمت ۽ مزاحمت آخري گهڙي تائين آخري نوجوان کان ويندي پڪي پوڙهي ۽ معصوم ٻارڙي تائين مزاحمت جو ذهن ٺهيل آهي، اهڙين حالتن ۾ جتي روز لاش ڪيرايا وڃن ٿا ۽ شهيدن جو قطارون لڳل هجن ٿيون ٻئي طرف زخمين جو تعداد اڻ ڳڻيو هجي پر پوءِ به ڪو به خوف، ڊپ، پڇتاءُ ناهي ڇاڪاڻ ته سرزمين جي جياپي جو سوال آهي، پنهجي وجود کي برقرار رکڻ جو سوال آهي، جديد ترين هٿيارن جي سامهون پٿر سان مقابلو ڪرڻ بهادري، شجاعت ۽ دليرانه سوچ جو مظهر فلسطين جي آزادي جي اميد ظاهر ڪري ٿو، باقي نه ته اسرائيل ته ڊنل ۽ پريشانيءَ ۾ مبتلا آهي ته هاڻي هنن هٿين خالين ماڻهن کي ڪيئن ڪهڙي سزا تحت ماريو وڃي؟ بيت المقدس اسرائيل جي جارحيت ۽ او آءِ سي سميت مسلم ملڪن پاران فلسطينن لاءِ موثر آوازنه اٿارڻ به هڪ مجرماڻي غفلت ۽ ڏوهه آهي، فلسطين جا رت ۾ ٻڏل منظر انتهائي قرب ۽ دل ڏکائيندڙ آهن، مظلوم فلسطينن جي آهه و پڪار ضرور رنگ لائيندي ۽ اسرائيل جي لاءِ عتاب جو سبب بڻجي ويندي. هڪ انقلابي ليڊر جو چوڻ آهي ته حڪمرانن کان وظيفا وٺندڙ ڪڏهن به انقلاب جي حمايت نه ڪندا آهن ، اڄ به اهڙي طرح دنيا جي خطي تي حرام خور ٽولا مافيائون موجود آهن جيڪي پنهنجي ڌرتيءَ جي وجود جي جياپي لاءِ مهاڏو اٽڪائڻ بجاءِ ڏند ڪڍندي هيڏانهن هوڏانهن جو ڳالهيون ڪري پنهنجو سياسي قد بت وڌائڻ ۾ مصروف رهن ٿا ۽ حرام خور ڪرپٽ مافيائون جي حصي پتي ڀاڱي ڀائوار رهندي اصل مقصد کان دور ڪندا رهن ٿا، هن وقت تائين فلسطينن جي حق ۾ ترڪي ملڪ جي صدر حافظ رجب طيب اردگان واضع پيغام ڏنو آهي ته هاڻي اسرائيل کان حساب وٺڻ جو وقت اچي ويو آهي اسان بيت المقدس کي ۽ پنهنجي فلسطيني ڀائرن کي اسرائيلي دهشتگردن کان بچائينداسين ۽ عالمي فوج کي فلسطين ۾ موڪلڻ جو اعلان ڪريون ٿا.وڏي افسوس ۽ حيرت جي ڳالهه اها آهي ته مسلم حڪمران فلسطين جي مامري تي خاموش الائي ڇو آهن؟، مسجد اقصيٰ جي بر حرمتي پئي ٿئي امت مسلمه کي ملي ڪري بيت المقدس جي آزدي جي جنگ وڙهڻي پوندي.اسرائيلي يهودي آخر ڪيستائين مسلمانن جي جذبات سان کيڏندا رهندا.انهي سلسلي ۾ پاڪستان ۾ به صوبائي ۽ قومي اسيمبلين جي ميمبرن، وزيرن، مشيرن صلاحڪارن وغيرهه کي گهرجي ته فلسطين جي معاملي تي پنهنجو آواز بلند ڪندي حڪمرانن کي اسرائيل دهشتگردي جي لغام ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي، باقي گڏيل قومن يورپين يونين اردن ۽ نار تعاون ڪائونسل جي اجلاس سڏائڻ يا رسمي فارملٽي طور ميڊيا تي اچي بيان ڏيڻ ۾ ڪجهه به نه ورندو عملي طرح اقوام متحدهه گڏيل قومن جي اداري کي انسانيت جي ناتي خالص عملي ڪردار ادا ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي. هيءُ سمورا انسانيت جي خير خواهي جا دعويدار اين جي اوز ڪيڏانهن مري ويا آهن جو اهي فلسطين ۾ گولين جي ڇانو ۾ عبادت ڪندڙ مسلمانن جي واهر ڪرن بدران خاموش تماشائي بڻيل آهن جيڪڏهن ڪي اپنا جسم اپني مرضي وارا روڊن تي نڪري اچن ٿا ته انهي تي حڪومت جي پروٽوڪول سان سهڪار ڪري انهن جي همت افزائي ڪئي وڃي ٿي ۽ سمورا هٿ ٺوڪيا اين جي اوز واويلا شروع ڪندا رهن ٿا پر هاڻي انٽر نيشنل ايشو تي خاموشي سمجهه کان ٻاهر ڳالهه آهي. جيڪڏهن ائين ٻٽا معيار قائم ڪندي بي گناهه ماڻهن جي خون تي سودو ڪندي خاموشي اختيار ڪي وئي ته اها سموري قوم جي عظيم غلطي سمجگي ويندي انهي لاءِ بنا ڪنهن فرق جي فلسطين جي بي گناهه مسلمانن لاءِ سراپا احتجاج بڻجندي پنهنجو پنهنجي سطح تي احتجاج رڪارڊ ڪرايو وڃي جيئن نام نهاد يهودي لابي اسرائيل بدمست کي معلوم ٿئي ته عوام قوم خاموش ناهي بلڪ انهي جي بربريت سفاڪي تي آواز بلند ڪري انهن جي جمهوريت کي ننگو ڪري رهي آهي عوام آڏو پڌرو ڪندي پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪري رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو