اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر)اسرائيل جي انتهائي ساڄي ڌر سان واسطو رکندڙ قومي سلامتي واري وزير ايتمار بين گوير پاران سوين اسرائيلي يهودين جي اڳواڻي ڪندي يروشلم ۾ واقع مسجد اقصيٰ جي احاطي ۾ داخل ٿيڻ جي هڪ ڏينهن کان پوءِ، پاڪستان سميت اٺن ملڪن جمعي ڏينهن گڏيل بيان جاري ڪري انهن “اشتعال انگيز ڪاررواين” جي سخت مذمت ڪئي.
پرڏيهي آفيس پاران جاري ڪيل گڏيل بيان پاڪستان، مصر، ترڪيه، انڊونيشيا، اردن، قطر، سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات جي پرڏيهي وزيرن طرفان جاري ڪيو ويو.
پرڏيهي وزيرن “مسجد اقصيٰ ۾ اسرائيل طرفان وڌندڙ اشتعال انگيزي، خاص طور تي اسرائيلي فوج جي تحفظ هيٺ انتهاپسند اسرائيلي وزيرن جي اڳواڻي ۾ آبادڪارن جي مسلسل وڏي پيماني تي چڙهاين، مسجد جي صحن ۾ اسرائيلي جهنڊي ڦڙڪائڻ، اسرائيلي پوليس پاران ٻه خيما قائم ڪرڻ ۽ ٻين سمورين ڀڙڪائيندڙ ڪاررواين” جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي.
مسجد اقصيٰ تائين رسائي اسرائيل ۽ اردن جي وچ ۾ ڏهاڪن کان لاڳو “اسٽيٽس ڪو” واري انتظام هيٺ آهي، جنهن موجب ان هنڌ جي انتظام جي سنڀال اردن جي مذهبي اداري وٽ آهي. ان معاهدي تحت يهودين کي زيارت جي اجازت آهي، پر کين اتي عبادت ڪرڻ جي اجازت ناهي، جڏهن ته مسلمانن کي بنا ڪنهن رڪاوٽ جي عبادت ڪرڻ جو حق حاصل آهي.
گڏيل بيان ۾ چيو ويو ته “اهي اشتعال انگيز ۽ ناقابل قبول قدم بين الاقوامي قانون، گڏيل قومن جي لاڳاپيل ٺهرائن ۽ والاريل اوڀر يروشلم جي مقدس هنڌن بابت تاريخي ۽ قانوني اسٽيٽس ڪو جي کليل ڀڃڪڙي آهن.”
پرڏيهي وزيرن اسرائيلي انتهاپسند وزيرن ۽ گروهن جي اشتعال انگيز بيانن، چڙهاين لاءِ سڏن ۽ تشدد جي پڻ سخت مذمت ڪندي خبردار ڪيو ته اهڙيون ڪارروايون نفرت ۽ انتهاپسندي کي هٿي ڏين ٿيون ۽ ٻن رياستن واري حل جي بنياد تي منصفاڻي ۽ پائيدار امن لاءِ جاري ڪوششن ۾ رڪاوٽ بڻجن ٿيون.
بيان ۾ چيو ويو ته يروشلم جي پراڻي شهر ۽ ان جي عبادتگاهن تائين رسائي تي پابنديون، گڏوگڏ ٻين عبادتگاهن تي امتيازي ۽ من ماني پابنديون، بين الاقوامي قانون، خاص طور عالمي انساني قانون جي سنگين ڀڃڪڙي آهن ۽ تاريخي ۽ قانوني حيثيت کي تبديل ڪرڻ جي غيرقانوني ڪوشش آهن.
بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته پرڏيهي وزيرن زور ڀريو ته “والاريل يروشلم يا ان جي اسلامي ۽ عيسائي مقدس هنڌن تي اسرائيل جي ڪا به خودمختياري ناهي.”
پرڏيهي وزيرن والاريل اوڀر يروشلم جي تاريخي، قانوني ۽ آباديءَ واري سڃاڻپ کي تبديل ڪرڻ ۽ اسلامي ۽ عيسائي مقدس هنڌن جي حرمت ۽ حيثيت کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ اسرائيل جي مسلسل ۽ منظم خلاف ورزين ۽ قدمن جي به مذمت ڪئي.
هنن يروشلم ۽ ان جي اسلامي ۽ عيسائي مقدس هنڌن جي تاريخي ۽ قانوني اسٽيٽس ڪو کي تبديل ڪرڻ جي هر ڪوشش کي واضح طور رد ڪندي، ان حوالي سان هاشمي سرپرستي جي تاريخي ڪردار کي پڻ تسليم ڪيو.
گڏيل بيان ۾ چيو ويو ته “مسجد اقصيٰ جو سمورو 144 دونم (دونم زمين جي پيمائش جو ماپو آهي، جيڪو ترڪي ۽ اردن سميت ڪيترن ئي ملڪن ۾ رائج آهي) هڪ دونم هڪ هزار چورس ميٽر برابر آهي ۽ 144 دونمز يعني (35.6 ايڪڙ) تي پکڙيل احاطو رڳو مسلمانن جي عبادت لاءِ مخصوص آهي، جڏهن ته اردن جي وزارت اوقاف ۽ اسلامي معاملن سان لاڳاپيل يروشلم اوقاف ۽ مسجد اقصيٰ معاملن وارو کاتو ئي اهو واحد قانوني ادارو آهي، جنهن کي مسجد اقصيٰ جي انتظام سنڀال ۽ ان ۾ داخلا کي منظم ڪرڻ جو اختيار حاصل آهي.”
پرڏيهي وزيرن والاريندڙ طاقت جي حيثيت ۾ اسرائيل کان مطالبو ڪيو ته هو فوري طور يروشلم جي پراڻي شهر تائين رسائي تي لاڳو پابنديون ختم ڪري ۽ مسلمان نمازين کي مسجد اقصيٰ ۾ اچڻ کان روڪڻ کان پاسو ڪري.
هنن عالمي برادريءَ تي پڻ زور ڏنو ته اها اهڙو مضبوط موقف اختيار ڪري، جيڪو اسرائيل کي يروشلم جي اسلامي ۽ عيسائي مقدس هنڌن خلاف جاري ڀڃڪڙيون، غيرقانوني ڪارروايون ۽ انهن مقدس ماڳن جي حرمت جي لتاڙ بند ڪرڻ تي مجبور ڪري.
بين گوير جي اها چڙهائي يهودين جي مذهبي ڏينهن تشا بائو (Tisha B’Av) سان گڏ ٿي، جيڪو پهرين ۽ ٻئي يهودي مندر جي تباهي جي ياد ۾ ملهايو ويندو آهي ۽ هن سال اربع رات کان خميس تائين ملهايو ويو.
خبرون ڏيندڙ اداري اي ايف پي جي وڊيوز موجب، بين گوير سوين يهودي عبادت ڪندڙن سان گڏ مسجد اقصيٰ جي احاطي ۾ موجود هو، جتي ڪيترائي يهودي آبادڪار صبح سوير کان قطارون ٺاهي اندر داخل ٿيا ۽ ڪيترن اتي عبادت پڻ ڪئي.
وزارت سنڀالڻ کان پوءِ بين گوير هڪ درجن کان وڌيڪ ڀيرا مسجد اقصيٰ جي احاطي ۾ داخل ٿي چڪو آهي، جڏهن ته هو اڳ به تشا بائو جي موقعن تي غزه ۽ اسرائيل جي والاريل اولهه ڪناري ۾ فلسطيني عوام خلاف وڌيڪ سخت ڪاررواين جا مطالبا ڪندو رهيو آهي.










