مسافرن کان وڌيڪ ڀاڙو وٺندڙ ٽرانسپورٽرن خلاف ڪارروائي ٿيندي

مسافرن کان وڌيڪ ڀاڙو وٺندڙ ٽرانسپورٽرن خلاف ڪارروائي ٿيندي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ڊيزل جي قيمتن ۾ گهٽتائي باوجود مسافرن کان وڌيڪ ڀاڙو وصول ڪرڻ جو نوٽيس وٺندي لاڳاپيل اختيارين کي ڀاڙن ۾ گهٽتائي تي سختي سان عمل ڪرائڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن.شرجيل انعام ميمڻ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته ڊيزل جي اگهه ۾ گهٽتائي کانپوءِ مسافرن جي ڀاڙن ۾ ڪيل گهٽتائي تي هر صورت ۾ عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي.سينيئر وزير چيو ته مسافرن کان مقرر ڀاڙي کان وڌيڪ رقم وصول ڪندڙ ٽرانسپورٽرن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي، ڪنهن به ٽرانسپورٽر کي مسافرن کان من پسند يا اضافي ڀاڙو وٺڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عوام کي رليف فراهم ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي، ڊيزل جي قيمتن ۾ گهٽتائي باوجود مسافرن کان وڌيڪ ڀاڙو وصول ڪرڻ ڪنهن به صورت ۾ قابل قبول ناهي.هن لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي ته مختلف روٽن تي نگراني وڌيڪ مؤثر بڻائي وڃي ۽ اضافي ڀاڙو وصول ڪرڻ جي شڪايت ملڻ تي فوري ڪارروائي ڪئي وڃي.هن وڌيڪ چيو ته ڀاڙن بابت حڪومتي فيصلن جي ڀڃڪڙي جي صورت ۾ قانون موجب ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي، جڏهن ته سنڌ حڪومت عوام کي هر ممڪن رليف فراهم ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو