مزدور پورهيتن جو اجرت نه وڌڻ خلاف روڊ تي سخت احتجاج نعري بازي

مزدور پورهيتن جو اجرت نه وڌڻ خلاف روڊ تي سخت احتجاج نعري بازي

نوشھرو فيروز (ن سنڌيار)ٻيڙي مزدور پورهيتن جو اجرت نه وڌڻ خلاف مورو مٺياڻي روڊ تي سخت احتجاج نعري بازي ٻيڙي مزدور يونين مٺياڻي جي سڏ تي مزدورن جو اجورو نه وڌائڻ خلاف ڀورل ڀٽي محبوب علي ملاح امداد ملاح طارق سومرو سانول سولنگي جي اڳواڻي ۾ مورو مٺياڻي روڊ تي احتجاج دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گزريل ٽن سالن کان پورهيتن جي اجرت نه وڌائي وئي آ جيڪا سراسر زيادتي آ جبل جيڏي مهانگائي ۾ 400 روپيا ڪمائيندڙ مزدور گهر جو گاڏو ڪيئن هلائي جڏنهن ته لوڪل سيٺين جو مزدورن سان معاهدو ٿيل آ ته ٻيڙي جو ريٽ وڌائڻ مهل مزدورن کي اعتماد ۾ وٺي انهن جي اجرت ۾ اضافي کان پوء نوان ريٽ مقرر ڪيا ويندا جنهن جي ڀڃڪڙي ڪندي گزريل 3 مهينن کان پاڻ مرادو ريٽ وڌائي مزدورن کي اجرت وڌائڻ کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو آ ان لا اسان مجبور ٿي اڄ کا احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي آ آخر ۾ پورهيتن هتان جي چونڊيل نمائندن سياسي سماجي اڳواڻن کي اپيل ڪئي ته پورهيتن کي انصاف ڏيارڻ خاطر پنهنجو ڪردار اداڪن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو