ٺٽو(جاويد لطيف ميمڻ) ور شهر ويجھو ڳوٺ اوڀايو جت واسي 3 پورهيت ڪراچي پپري روڊ وٽ گاھ جي مزدا هيٺان دٻجي فوت ٿي ويا، فوتين ۾ مولابخش جت، غفور جت ۽ عابد جت شامل آهن. مزدا جو ٽائر پنچر ٿيڻ سبب ڊرائيور ٽائر بدلي ڪري رھيو ھو ته اوچتو مزدا جيڪ تان لھي وئي ۽ مزدا ۾ ڀريل گاھ جي مٿان ستل ٽيئي مزدور هيٺ ڪري پيا ۽ مزدا جي ھيٺان اچي دٻجي فوت ٿي ويا. ٽئي جنازا ايڌي ايمبولنس ذريعي ور شھر ڀرسان ڳوٺ اُوڀايو جت ۾ پهچايا ويا جتي ٽنهي جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي فوتي مزدورن جا مڙه سندن اباڻي قبرستان پير پٺو ۾ سوين آلين اکين سان دفنايا ويا اهڙي افسوناڪ واقعي تي مزدورن جي گھرن ۾ ماتم روڄ راڙو پئجي ويو ۽ عالائقي ۾ سوڳ ڇائنجي ويو.










