مرڻ کان اڳ لکيل خط ۾ ڪرن جوهر کي سندس پيءُ ڪهڙي صلاح ڏني؟

ممبئي (ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ جي مشهور هدايتڪار ڪرن جوهر انڪشاف ڪيو آهي ته سندس والد کيس موت کان اڳ لکيل خط ۾ خاص صلاح ڏني هئي. ڪرن جوهر ڀارت جي انهن شخصيتن مان هڪ آهي جيڪي وقت بوقت ميڊيا جي ڌيان ۾ آهن، هن ڀيري هو پنهنجي مرحوم والد يش جوهر جي هڪ خط سبب ميڊيا جي نظرن ۾ آيو آهي. هن تازو ئي هڪ انٽرويو ۾ انڪشاف ڪيو ته سندس والد هن لاءِ مرڻ کان اڳ هڪ خط ڇڏي ويو هو جنهن ۾ ڪاروباري ۽ قابل اعتماد ماڻهن بابت اهم معلومات هئي. والد جي خط بابت ڳالهائيندي هن چيو ته اهو جذباتي خط نه پر ڪاروباري خط هو. خط اصل ۾ مون کي ٻڌايو ته منهنجي ملڪي فنڊ، سيڙپڪاري وار فنڊ منهنجي لاء بيٺا هئا. هن خط ۾ والد صاحب مون کي اها به ڄاڻ ڏني هئي ته ڪنهن تي ڀروسو ڪجي ۽ ڪنهن تي اعتبار نه ڪجي، ۽ ڪاروبار ڪيئن هلائڻو آهي

پهنجو تبصرو موڪليو